ڪراچي (رپورٽر) سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته تيراهه ۾ ڪو به فوجي آپريشن نه پيو هلي، جڏهن ته انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن ذريعي فتنن جو خاتمو ڪيو پيو وڃي.ڪراچي ۾ سيڪيورٽي عملدارن ميڊيا جي نمائندن کي بريفنگ ڏني. سيڪيورٽي ذريعن موجب، تيراهه ۾ ڪو فوجي آپريشن نه پيو ٿئي، جڏهن ته ماٿري ۾ دهشتگردن، فتنه الهندوستان ۽ فتنه خوارج جو ڳٺ جوڙ موجود آهي، جنهن خلاف انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ذريعي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊرون ٽيڪنالاجي ۾ پاڻڀرائي حاصل ڪري چڪا آهيون، جڏهن ته جاري جنگين جي تناظر ۾ جديد اينٽي ڊرون ٽيڪنالاجي تي به ڪم جاري آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب، دهشتگردن خلاف انٽيليجنس ڄاڻ جي بنياد تي ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين اهي ڪارروائيون جاري رهنديون. سيڪيورٽي ذريعن موجب، تيراهه ۾ آپريشن بابت ڪوڙي ۽ بي بنياد واويلا ڪئي وئي، دهشتگردن ۽ ڏوهاري عنصرن جو ڳٺ جوڙ وائکي ٿي چڪي آهي.