عمران خان سان ڊيل جون ڳالهيون: قرباني حڪومت کي ڏيڻي پوندي؟

اسلام آباد (اسد طور) محمد مالڪ جيڪا خبر ڏني ته فيصلو ڪيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ کي وڏي ۽ فيصلائتي آڇ ڪئي ويندي. ان جي  عطا تارڙ ترديد ڪئي آهي. پر موجوده نظام جي نوعيت ۽ فيصلي سازي جي ڍانچي کي ڏسندي گهٽ ماڻهو ترديد تي يقين ڪندا، اها هڪ حقيقت آهي ته موجوده حڪومت عوامي مينديٽ بدران ڪنهن ٻئي جي مرضي سان قائم آهي. اهڙا فيصلا وزيراعظم هائوس ۾ نه پر ٻئي هنڌ ٿيندا آهن ۽  محمد مالڪ انهن کان باخبر سمجهيو ويندو آهي. حڪومت جي ڪارڪردگي، خاص طور تي معاشي ناڪامي، نظام جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي. پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ کوٽ اچي چڪي آهي، برآمد گهٽجي رهي آهي، معاشي دٻاءُ وڌي رهيو آهي. ان صورت ۾ قرباني حڪومت جي ڏني ويندي آهي، نظام هلائڻ وارن جي ناهي ڏني ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.