فوجي عملدار پاڻ کي سڀ کان سياڻو سمجهن ته ٻين ادارن جو ڇا ٿيندو؟ :عائشا صديقا

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) جنهن ڏينهن فيلڊ مارشل جو ٻن سالن لاءِ نوٽيفڪيشن ايندو، ان کانپوءِ سمورو سياسي نظام وڌيڪ ڪمزور ٿي ويندو. اها آخري ڪوشش هوندي ڇو ته ان کانپوءِ ادارن جي حالت به خراب ٿي ويندي. تجزئي نگار عائشا صديقا ڊجيٽل پليٽ فارم تي ڳالهائيندي چيو ته مسئلو اهو آهي ته جنرلن جو مزاج اهڙو آهي ته جو هو سمجهن ٿا ته کين سڀ خبر آهي، پاڪستان لاءِ ڇا بهترين آهي. اها نفسيات پيدا ٿي وڃي ته ٻيا ادارا به ڪمزور ٿي وڃن ٿا. گهرو وزارت ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري جي طور تي حاضر سروس فوجي آندو ويو آهي. سويلين حڪومت اڳ ئي ڪمزور آهي. اوهان عمران خان کي ڇڏيو، بلوچستان جو مسئلو آهي، قبائلي علائقن جو مسئلو آهي، اوهان سڀ ڪجهه زبردستي سان ڪندا ته نتيجو ڇا نڪرندو؟ اڄ جا نوجوان  ميجر، ڪرنل ۽ برگيڊيئر جن جي ڪيريئر کي ڪجهه ڏينهن ٿيا آهن، اهي وڏا وڏا اڪنامڪ پلان ٺاهي ڏئي رهيا  اهن، انهن کي لڳي ٿو ته هو سڀ سمجهن ٿا، جڏهن اوهان جو مستقبل، اوهان جي سياست ۽ اوهان جي معيشت لکڻ لڳندا ته مسئلا پيدا ٿيندا. جهيڙا، تڪرار ۽ نفرت پيدا ٿيندي آهي، پوءِ ساک خراب ٿيندي آهي، نيٺ تبديلي اندران ايندي آهي، تبديلي ڪيئن ايندي اها خبر ناهي پر تاريخ اسان کي اهو ئي ٻڌائي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.