چيف جسٽس کان تسلي جوڳو جواب نه مليو: سلمان راجا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا دعويٰ ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ  باني عمران خان کي بنيادي انساني حق نه پيا ڏنا وڃن، کيس ڇنڇر جي شام ڳجهي نموني اڊيالا جيل کان پمز اسپتال آندو ويو ۽ سندس اَک جي سرجري ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سلمان اڪرم راجا چيو ته عمران خان جي صحت بابت حڪومت پنج ڏينهن تائين ڪوڙ ڳالهائيندي رهي، حڪومت تسليم ڪيو ته اسان اڊيالا جيل وياسين، ڪالهه پي ٽي آءِ باني جو ذاتي ڊاڪٽر عاصم ۽ اکين جو ماهر ڊاڪٽر خرم اڊيالا جيل آيا. پي ٽي آءِ اڳواڻ جو چوڻ هو ته پمز اسپتال ۾ پي ٽي آءِ باني جي اکين جي سرجري ڪئي وئي، پر عمران خان جي خاندان کي نه ٻڌايو ويو ته کيس ڇو اسپتال آندو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.