برطانيا ۽ چين ۾ واپاري لاڳاپا، آمريڪا اڪيلائي جو شڪار

اسلام آباد/لنڊن/واشنگٽن (عوامي آواز رپورٽ) برطانيا ايران خلاف ڪنهن به ممڪن آمريڪي يا اسرائيلي فوجي ڪارروائي ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. برطانوي حڪومت جو موقف آهي ته ايران خلاف ڪنهن به قسم جي جارحاڻي ڪارروائي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي هوندي، جڏهن ته برطانيا پاڻ کي رڳو دفاعي نوعيت جي ڪارروائي تائين محدود  رکندو. هوڏانهن برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر جي چين دوري واشنگٽن ۾ ڳڻتي پيدا ڪري ڇڏي آهي. اسٽارمر حڪومت چين سان واپاري لاڳاپا بهتر بڻائڻ، سيڙپڪاري ۽ ويزا سهولتن تي زور ڏنو آهي، جنهن تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سخت ردعمل ظاهر ڪندي برطانيا کي نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. عالمي مبصرن موجب يورپي اتحادي ملڪن جو ايران تي حملي کان لاتعلقي اختيار ڪرڻ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته آمريڪا سفارتي محاذ تي آهستي آهستي اڪيلو ٿي رهيو آهي، جيڪو عالمي طاقت جي توازن ۾ وڏي تبديلي جي نشاني آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.