ڪوئيٽا (م ڊ) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ ٻن مختلف ڪاررواين دوران ڀارتي حمايت يافتا تنظيم سان لاڳاپيل 41 دهشت گرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر موجب بلوچستان ۾ ٻه الڳ الڳ ڪارروايون ڪيون ويون، جن ۾ 41 دهشت گرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر موجب هرنائي ضلعي جي ڀرپاسي واري علائقي ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي موثر نموني نشانو بڻايو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ ڀارتي سرپرستي هيٺ سرگرم 30 دهشت گردن کي ختم ڪيو ويو، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ٻي ڪارروائي ضلعي پنجگور ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪئي وئي، جنهن دوران دهشتگردن جو ٺڪاڻو تباهه ڪيو ويو، ان ڪارروائي ۾ فتنه الهندستان سان لاڳاپيل 11 ڀارتي حمايت يافته دهشت گرد مارجي ويا،آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشت گردن وٽان هٿيار، گولابارود ۽ بينڪ ڌاڙي دوران ڦريل رقم پڻ هٿ ڪئي وئي.