حڪومت ۽ فوج جي ڀائيواري ائين ئي رهي ته پاڪستان دنيا ۾ مضبوط ملڪ بڻجي ويندو: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت ۽ فوج جي ڀائيواري اهڙيءَ ريت هلندي رهي ته پاڪستان دنيا جي نقشي تي هڪ مضبوط ملڪ بڻجي اڀرندو. اسلام آباد  ۾ ايڪسپورٽرز ۽ ڪاروباري شخصيتن بابت ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف ملڪي معيشت جي بحالي لاءِ فيلڊ مارشل عاصم منير جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي ۽ حڪومت ۽ فوج جي ڀائيواري کي ملڪ لاءِ بهترين قرار ڏنو. هن چيو ته معرڪاءِ حق ۾ فتح کانپوءِ پاڪستان جو دنيا ۾ منفرد مقام والاري چڪو آهي، دنيا اوهان جي ڳالهه مڃي رهي آهي، سيڙپڪاري لاءِ رابطا ڪري رهي آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جيڪڏهن فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي مدد نه هجي ها ته ڪيئي مسئلا حل نه ٿي سگهن ها، جيڪڏهن حڪومت ۽ فوج جي پارٽنرشپ اهڙيءَ ريت جاري رهي ته پاڪستان دنيا جي نقشي تي مضبوط ملڪ بڻجي اڀرندو. هن وڌيڪ چيوته جڏهن پاڪستان ترقي ڪندو ته ڀارت کي به بيهوشي جا دورا پوندا ته پاڪستان ايترو سگهارو ملڪ ڪيئن بڻجي ويو. وزيراعظم شهباز شريف صنعتن لاءِ بجلي جي اگهه ۾ چار ڏهائي چاليهه پئسا لاٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو. وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ملڪ جي ناليوارين ايڪسپورٽرز ۽ ڪاروباري شخصيتن جي مان ۾ ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ نه پر ان لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته پوري قوم قرباني ڏني، غريب ڏکيائين جو منهن ڏٺو، اسان کي هاڻي گروٿ ڏانهن وڃڻو آهي، ڪاروباري برداري جي تجويزن جي آجيان ڪيون ٿا، واپاري برداري سان مشاورت کانپوءِ معاشي پاليسيون جوڙيون وينديون، سياسي ۽ عسڪري سهڪار سان ملڪي ترقيءَ جا رستاکُلي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته ايوارڊ يافته ڪاروباري ماڻهن کي بليو پاسپورٽ ڏينداسين، وزيراعظم صنعتن لاءِ بجلي چار رپيا چار پئسا في يونٽ سستي ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته معرڪاءِ حق کانپوءِ مختلف ملڪن جا سربراهه مون سان ڀاڪر پائي ملي رهيا هئا، دنيا هاڻي توهان جون ڳالهيون مڃي رهي آهي، سيڙپڪاري لاءِ رابطا ڪيا پيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.