وفاق ڪراچي جو ڪنٽرول نٿو سنڀالي سگهي:نثار کهڙو

لاڙڪاڻو(بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته آئين تحت وفاقي حڪومت ڪراچي جو انتظامي ڪنٽرول ٽيڪ اوور نٿي ڪري سگهي، وفاق صرف صوبائي حڪومت کي هدايتون  ڏئي سگهي ٿو ان ڪري ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جو مطالبو اصل ۾ صوبي جي حيثيت ختم ڪري ون يونٽ لاڳو ڪرڻ جي برابر آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار جمعي ڏينهن جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ڪيو آھيهن  چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان آمر پرويز مشرف جو دور واپس چاهي ٿي، جنهن ۾ مرڪز کان سڌي ريت ڪراچي کي فنڊنگ ملندي هئي.ان ڪري صوبائي حڪومت کي باءِ پاس ڪري رياست اندر رياست قائم ڪرڻ جو سندن خواب هاڻي ڪڏهن به پورو نه ٿيندو. پيپلز پارٽي 18هين ترميم، صوبائي خودمختياري ۽ اين ايف سي ۾ صوبن جي حصي جي تحفظ کي ڪنهن به صورت ۾ رول بيڪ ٿيڻ نه ڏيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.