انٽر جي نتيجن ۾ جعلسازي، اعليٰ آفيسرن مٿان فرد جرم لاڳو

ڪراچي (رپورٽر)صوبائي اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن محمد امين الله صديقي جي عدالت ۾ انٽرميڊيئيٽ جي نتيجن سان ٽيمپرنگ، جعلسازي، فنڊن جي غبن ۽ غير قانوني ٽينڊرن سان لاڳاپيل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.عدالت اڳوڻي انٽر بورڊ چيئرمين پروفيسر نسيم ميمڻ، ڊاڪٽر سعيد الدين ۽ بورڊ جي ٻين آفيسرن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سڀني جوابدارن الزامن کان انڪار ڪيو، عدالت ڪيس جي شاهدن کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪندي ٻڌڻي 26 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ان کان اڳ عدالت جوابدارن خلاف چالان منظور ڪيو ۽ چالان جون ڪاپيون پڻ فراهم ڪيون، اينٽي ڪرپشن جي جاچ آفيسر شاهنواز راهپوٽو عدالت ۾ اڳوڻي انٽر بورڊ چيئرمين ڊاڪٽر سعيد الدين، اڳوڻي ڪنٽرولر انور عليم راجپوت، اڳوڻي اسسٽنٽ ڪنٽرولر محمد عطار، محمد اسلم چوهاڻ ۽ ٻين خلاف چالان پيش ڪيو هو.جاچ آفيسر موجب بورڊ آفيس جي آءِ ٽي ڊائريڪٽر کي به جوابدار طور نامزد ڪيو ويو آهي، جنهن کي عدالت جي هدايتن تي ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو هو.ان کان اڳ اينٽي ڪرپشن بيورو بورڊ جي ٻن آفيسرن، اڳوڻي ڪنٽرولر ظهير ڀٽو ۽ حارث فاروقي کي بيگناهه قرار ڏيندي هڪ رپورٽ پيش ڪئي هئي، جيڪا عدالت قبول ڪري ورتي هئي.اينٽي ڪرپشن عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪيس سنڌ جي وڏي وزير پاران ٺاهيل انڪوائري ڪميٽي جي سفارشن تي داخل ڪيو ويو آهي.

ڪراچي ۾ اسڪول وين کي باهه، 5 شاگردن جي حالت خراب

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ۾ اسٽار گيٽ ويجهو هڪ اسڪول وين ۾ باهه لڳي وئي. پوليس اختيارين موجب، 5 ٻار دونھين  ۾ ساهه کڻڻ سبب متاثر ٿيا ۽ انهن کي طبي امداد ڏيڻ کان پوءِ گهر موڪليو ويو. اختيارين جو چوڻ آهي ته اسڪول وين ۾ باهه تي ضابطو آندو ويو آهي. پوليس اختيارين موجب، وين ۾ موجود سڀئي ٻار محفوظ آهن. وين ڊرائيور، ٻارن جي پاڙي جو رهواسي آهي، باهه جي واقعي کان پوءِ فرار ٿي ويو. وين ۾ باهه شروعاتي طور تي شارٽ سرڪٽ سبب لڳي هئي.

سنڌ ۾ هزارين اسڪول سهولتن کان محروم آهن:ڪاشف سعيد

ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته جماعت اسلامي جلد ئي سنڌ ۾ حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ الخدمت تحت بنو قابل داخلا ٽيسٽ منعقد ڪندي، امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان جي ويزن موجب، زي ڪنيڪٽ پروگرام هڪ انقلابي قدم آهي، جماعت اسلامي دستياب وسيلن سان پنهنجي حصي جي شمع روشن ڪري رهي آهي. اسان سنڌ سميت سڄي ملڪ جي نوجوانن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون، جماعت اسلامي سنڌ جي ماڻهن کي اڪيلو نه ڇڏيندي. نه رڳو صوبي جي ٻرندڙ مسئلن کي کڻي حڪمرانن اڳيان عوام جو ڪيس وڙهنداسين، پر ان سان گڏوگڏ سڄي سنڌ ۾ ٻارن کي آء ٽي ڪورسز بشمول راندين ۽ ھنر جي سکيا ذريعي به اڳتي وڌائينداسين، باقي مراد علي شاھ جي قيادت۾ گزريل 18سالن کان سنڌ۾ قائم پ پ حڪومت وسيلن جي سودي بازي توڙي ڪرپشن ۾ رڪارڊ قائم ڪيا آهن. اھڙن خيالن جو اظهار هن الخدمت فائونڊيشن جي تحت بنو قابل انٽري ٽيسٽ جي حوالي سان رٿيل ھڪ مشاورتي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، ضلعي امير ايڊووڪيٽ نادر کوسو ۽ ٻيا عهديدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا، هن چيو ته پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو جو هر ضلعي ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو اعلان سٺي ڳالهه آهي، پر انهن کي پهريان 78 لک اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليم فراهم ڪرڻ جي باري ۾ فڪرمند ٿيڻ گهرجي، تعليم جي کوٽ سبب ٻار منشيات جا عادي ۽ ڏوهن جي دنيا ۾ داخل ٿي رهيا آهن. حڪومت جي اقتصادي سروي 2025 جي مطابق، سنڌ ۾ 70 سيڪڙو سرڪاري اسڪول بجلي کان محروم آهن، 43 سيڪڙو اسڪولن ۾ ٽوائليٽ ناهن. 42 سيڪڙو اسڪولن ۾ پيئڻ جو پاڻي موجود ناهي، جڏهن ته 39 سيڪڙو اسڪولن ۾ ڪا به چارديواري ناهي.

خانگي اسڪولن کي 10 سيڪڙو شاگردن کي مفت تعليم ڏيڻ جو حڪم

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ)  صوبائي تعليم کاتي سنڌ هاءِ ڪورٽ (سکر بينچ) جي حڪمن جي روشني ۾ سڄي صوبي جي خانگي اسڪولن کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته اهي پٺتي پيل طبقي جي گهٽ ۾ گهٽ 10 سيڪڙو شاگردن کي مفت تعليم فراهم ڪرڻ واري قانوني شرط تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻائين، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اهي حڪم سي پي نمبر 1592/2025 (مسز فوزيه ۽ ٻيا بنام حڪومت سنڌ) ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 12 جنوري 2026ع جي فيصلي ۽ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ طرفان موصول ٿيل خط جي بنياد تي جاري ڪيا ويا، نوٽيفڪيشن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته سنڌ رائيٽ آف چلڊرن ٽو فري اينڊ ڪمپلسري ايجوڪيشن ايڪٽ 2013ع تحت هر نجي اسڪول پنهنجي ڪُل داخل ٿيل شاگردن مان گهٽ ۾ گهٽ 10 سيڪڙو ٻارن کي مفت تعليم ڏيڻ جو پابند آهي، ان حوالي سان اسڪولن کي زيرو فيس واوچرز ۽ ٻيا لاڳاپيل دستاويزي ثبوت جمع ڪرائڻا پوندا، کاتي تعليم هدايت ڪئي آهي ته نجي اسڪولن جي رجسٽريشن ۽ تجديد رجسٽريشن صرف ان صورت ۾ منظور ڪئي ويندي جڏهن اهي عدالتي حڪمن تي عملدرآمد بابت رپورٽ جمع ڪرائيندا، حڪمن جي ڀڃڪڙي جي صورت ۾ لاڳاپيل ڊائريڪٽر کي ذاتي طور ذميوار قرار ڏنو ويندو ۽ سندس خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.