ٻاهران گهرايل مهانگي ڪڻڪ ڳچي ۾ پئجي وئي، 22 ارب رپين جو نقصان

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي پاسڪو کي 5 لک ٽن ڪڻڪ نيلام ڪرڻ ۽ پنجاب کي 3 لک ٽن ڪڻڪ فراهم ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. نيلام ٿيندڙ ڪڻڪ ۾ 3 لک ٽن مهانگي گهرايل ڪڻڪ به شامل آهي جيڪا سبسڊائزڊ اگهن تي وڪري جي منظور يڏني وئي آهي، هن فيصلي سان خزاني کي 20.5 ارب کان 22 رپيا مالي نقصان جو انديشو آهي. ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ ٿيو. 2022 ۾ 294994 ميٽرڪ ٽن گهرايل ڪڻڪ پاسڪو جي گدامن ۾ پيل آهي جڏهن ته پاسڪو جو ادارو ختم ڪيو پيو وڃي. اي سي سي واڪن جي منظوري ڏني جنهن جو مقصد ذخيري کي ٺڪاڻي لڳائڻ، ذخيرو ڪرڻ جا خرچ گهٽائڻ ۽  مقامي ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ اگهن جي استحڪام، فوڊ سڪيورٽي يقيني بڻائڻ آهي. فنانس ڊويزن مقامي ڪڻڪ لاءِ 4742 رپيا في 40 ڪلو درآمد ڪڻڪ لاءِ 6425 رپي افي 40 ڪلو ريزرو اگهه مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي، اي سي سي مقامي ڪڻڪ لاءِ 4400 رپيا ۽ درآمدي ڪڻڪ لاءِ 4070 رپيا ريزرو اگهه جي منطوري ڏني. ان اگهه تي درآمدي ڪڻڪ جي وڪري سان ناڻي کي 2355 رپيا 40 ڪلو جو نقصان ڀوڳڻو پوندو. هن مقدار ۾ ڪڻڪ ذخيرو ڪرڻ جي سالياني لاڳت 11 ارب رپين کان وڌيڪ آهي. پاسڪو وٽ مجموعي طور تي 20 لک ٽن ڪڻڪ جو ذخيرو موجود آهي ۽ گذريل مهيني وفاقي ڪابينا اداري کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. هن فيصلي سان وفاقي حڪومت جي ناقص معاشي ۽ واپاري منصوبابندي جي نشاندهي ٿئي ٿي جنهن اڳ مهانگي ڪڻڪ درآمد ڪئي ۽ هاڻي ان کي رعايتي اگهه تي وڪرو ڪيو پيو وڃي. هاڻي ناڻي واري وزارت ڪڻڪ جي ذخيري کي ٺڪاڻي لڳائڻ لاءِ 20 ارب رپين جي رعايت ڏيندي جنهن ۾ 9 رپيا فوري ادا ڪيا ويندا. پاسڪو وٽ 2022 کان هن وقت تائين 294994 ميٽرڪ ٽن درآمد ڪيل ڪڻڪ جو ذخيرو آهي جيڪو تازي آمد جي مقابلي ۾ پنهنجي مارڪيٽ ويليو وڄائي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.