اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ فيصلو ڏنو آهي ته جيڪڏهن وزيراعظم به غير قانوني حڪم ڏئي ٿو ته سرڪاري ملازم انهن کي قبول ڪرڻ جا پابند نه آهن. ميڊيا رپورٽن موجب سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس هاشم ڪاڪڙ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ او جي ڊي سي ايل ۾ غير قانوني ڀرتين جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. شروعاتي ٻڌڻي کان پوءِ عدالت وڪيلن کي ڪيس تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته ٻڌڻي دوران نيب جي وڪيل چيو ته اڳوڻي وزير انور سيف الله چيئرمين او جي ڊي سي ايل کي مقرري جا خط موڪلڻ لاءِ چيو هو، ڀرتي جو عمل اشتهار ذريعي ٿيڻ گهرجي ها.جسٽس هاشم ڪاڪڙ ريمارڪس ڏنا ته نوڪرين لاءِ اشتهار ڏنا ويندا آهن، بادشاهه حڪم نه ڏيندو آهي، هر سرڪاري اداري ۾ اوور اسٽافنگ هوندي آهي. جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته عوام وزيرن کان نوڪريون گهري ٿو، نيب جي وڪيل وڌيڪ چيو ته او جي ڊي سي ايل ۾ اوور اسٽافنگ ڪئي وئي ۽ وزير جي پرنسپل اسٽاف آفيسر لکيو هو ته نوڪرين لاءِ پارليامينٽ جو دٻاءُ آهي. ان تي جسٽس هاشم ڪاڪڙ چيو ته جيڪڏهن وزيراعظم غير قانوني حڪم ڏئي به ته سرڪاري ملازم انهن جي اطاعت جا پابند نه آهن’، نيب جي وڪيل جواب ڏنو ته جيڪڏهن سرڪاري ملازم حڪمن جي تعميل کان انڪار ڪن ته انهن کي سزا جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو. ٻڌڻي دوران هڪ موقعي تي نيب جي وڪيل چيو ته ‘وڌيڪ ڀرتين جي ڪري پي آءِ اي کي نجڪاري ڪرڻي پئي. جنهن تي جسٽس اشتياق ابراهيم چيو ته ڀرتيون اهڙي وقت ۾ ڪيون ويون جڏهن احتساب ڪميشن جو قانون موجود نه هو، لاڳاپيل وفاقي وزير اڳ ئي پنهنجي سزا پوري ڪري چڪو آهي. جسٽس هاشم ڪاڪڙ ريمارڪس ڏنا ته سزا جو داغ آهي ۽ ڇا اهو ڪافي ناهي ته وزير پنهنجي سزا پوري ڪري چڪو آهي.