راولپنڊي(م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهر واري بشريٰ بي بي جي صحت بابت کين ڳڻتي آهي، ۽ جيل ۾ ملاقات نه ٿيڻ سبب پارٽي جي ڪارڪنن ۾ بيچيني پکڙجي رهي آهي۔ هن ٻڌايو ته گذريل ڏينهن اها خبر ملي هئي ته اڊيالا جيل ۾ عمران خان جي اک ۾ تڪليف آهي،هن چيو ته ته اوهان جيتري به قانونسازي يا آئين ۾ ترميمون ڪريو، جيستائين ماڻهن جي دلين ۾ اوهان جي عزت نه هوندي، تيستائين اهڙي قانونسازي جو ڪو به فائدو نه ٿيندو۔ تيره وادي بابت وفاقي سرڪار کي بيان جاري نه ڪرڻ گهرجي ها