اسماعيل سميجو جي قتل جو ڪيس داخل، جوابدار سئوٽ گرفتار

عمرڪوٽ (رپورٽ: غلام مصطفيٰ مهر) عمرڪوٽ ۾ ڳلو ڪپي قتل ڪيل نوجوان محمد اسماعيل سميجو جي قتل جو ڪيس سندس سئوٽ سميت ٽن ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو. مقتول جي پيءُ جمال الدين سميجو جي فرياد تي الھداد سميجو ۽ ٻن نامعلوم ماڻھن کي نامزد ڪيو ويو.پوليس موجب واقعي جو مک جوابدار الهداد سميجو حيدرآباد صدر واري علائقي مان گرفتار ڪري عمرڪوٽ منتقل ڪيو ويو آهي. مقتول جا وارث ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ سٽي ٿاڻي تي پهتا، جتي مقتول جي والد بيان ڏيندي چيو ته سندس پٽ کي زميني تڪرار تان بي رحمي سان قتل ڪيو ويو. والد موجب جيڪو شخص گرفتار ڪيو ويو آهي اهو ئي اسماعيل جو اصل قاتل آهي جڏهن ته ٻين جوابدارن کي ڏسي سڃاڻي سگهنداسين. پوليس موجب واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي جڏهن ته ٻين نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. ٻي طرف مقتول محمد اسماعيل جي وارثن سان تڏي تي ايم پي اي امير علي شاھ، ايس ايس پي عمرڪوٽ عزيز ميمڻ، ٿرپاڪر ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين غلام حيدر سميجو سميت ٻين پهچي ڏک ونڊيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.