دادو(رپورٽ: غوث جھتيال) دادو ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيل نادر جمالي جي وارثن خادم ۽ بابر جمالي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 7 جنوري تي نادر کي ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو. وارثن ٻڌايو ته 20 ڏينهن کان انصاف لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، پر مطالبا اڃا تسليم نهڪيا ويا. ابتو ايس ايس پي ۽ ٻيا ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. گهرو کاتي جڊيشل انڪوائري جو ليٽر هڪ هفتو گذرڻ باوجود نه پهتو. وارثن اعلان ڪيو ته نادر جي چاليهي تي خاندان ۽ همدردن سان مشاورت بعد انصاف لاءِ حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي. وڪيلن چيو ته ڌمڪيون قبول نه آهن ۽ قانون سڀني لاءِ برابر آهي. ابن ڏاڏن کان پيپلزپارٽي ۾ آهيون، تنهن جي باوجود انصاف ناهي مليو.