شاعر آڪاش انصاري قتل ڪيس ۾ پاليل پٽ کي ڦاهي جي سزا

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي عدالت سنڌ جي نامياري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل ڪيس ۾ سندس پاليل پٽ جوابدار شاھ لطيف کي ڦاھي جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج تصور راجپوت جي عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت جوابدار شاھ لطيف کي ڦاھي جي سزا ٻڌائي آهي. ڪالهه آڪاش انصاري قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جنهن دوران ڪيس جا فريادي جان محمد انصاري، وڪيل ظھير انصاري،  ناليوارو دانشور جامي چانڊيو ، علم الدين انصاري، ادريس جتوئي، پنھل ساريو سميت وڏي انگ ۾ ساڃاھ وند، وڪيل ۽ صحافي عدالت ۾ موجود ھئا. سزا ٻڌائڻ دوران جوابدار شاھ لطيف کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي بيواھ حليمان ۽ ٻيا مائٽ به موجود ھئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.