اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جي يو آءِ (ف) 8 فيبروري 2024 جي تڪراري ۽ بدترين ڌانڌلي وارن چونڊن جي خلاف ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جي يو آءِ جي ترجمان اسلم غوري چيو آهي ته 8 فيبروري تي سموري ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن ملهائينداسين، جمهوريت روزاني ڪمزور ٿي رهي آهي. پاڪستان جي آئين جو مذاق اڏايو پيو وڃي. مولانا فضل الرحمان راولپنڊي ۾ مرڪزي احتجاجي پروگرام کي خطاب ڪندو. هن چيو ته سمورن صوبائي هيڊ ڪوارٽرن ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو. بهادر عوام حڪمرانن جي قرآن، شريعت جي تڪراري آئين سازي جي خلاف احتجاج ڪندي. اسان مهانگائي، بيروزگاري، بدامني، لاقانونيت جي خلاف عوام سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل هونداسين. اسلم غوري چيو ته عوامي ميڊيٽ تي ڌاڙو قبول نه آهي. شريعت، آئين ۽ جمهوريت جي تحفظ لاءِ هر آئيني، جمهوري ۽ پرامن رستو اختيار ڪنداسين ڪارڪن تياري مڪمل ڪن. هن چيو ته 8 فيبروري 2024 جي چونڊن کي 2 سال مڪمل ٿيڻ تي جي يو آءِ ڌانڌلي جي خلاف جلسو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان جي يو آءِ راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي پارٽي کي جلسي جون تياريون شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.