اسلام آباد(بيورو رپورٽ) هلندڙ مالي سال جي پهرين 5 مهينن دوران، جولاءِ کان نومبر 2025 تائين، پاور سيڪٽر جو گردشي قرض 223 ارب رپين تائين وڌي ويو، جنهن کان پوءِ پاور سيڪٽر جو گردشيقرض 1837 ارب رپين تائين پهچي ويو، جيڪو جون 2025 ۾ 1614 ارب رپيا هو. ذريعن موجب، پاور سيڪٽر جو گردشي قرض 1,225 ارب رپين تائين گهٽائڻ جي معاهدن جي 2 مهينن کان پوءِ به وڌي ويو آهي. سيپٽمبر 2025 ۾، حڪومت بينڪن سان معاهدا ڪيا، جنهن کان پوءِ آڪٽوبر ۽ نومبر 2025 جي ٻن مهينن دوران بجلي جي گردشي قرض ۾ 144 ارب رپيا واڌ ٿي. ذريعن موجب، نومبر 2025 تائين بجلي جي شعبي جو گردشي قرض 1,837 ارب رپيا هو، جيڪو سيپٽمبر 2025 ۾ 1,693 ارب رپيا ۽ جون 2025 ۾ 1,614 ارب رپيا هو، جنهن جو مطلب آهي ته بجلي جي شعبي جو گردشي قرض موجوده مالي سال جي پهرين 5 مهينن دوران جون جي مقابلي ۾ 223 ارب رپين جو اضافو ڏيکاري ٿو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نومبر 2025 ۾ بجلي جي شعبي جو گردشي قرض نومبر 2024 جي مقابلي ۾ 544 ارب رپين جي گهٽتائي ڏيکاري ٿو، ڇاڪاڻ ته نومبر 2024 تائين بجلي جي شعبي جو گردشي قرض 2,381 ارب رپيا هو.سيپٽمبر 2025 ۾، وفاقي حڪومت ۽ 18 ڪمرشل بينڪن جي وچ ۾ بجلي جي شعبي جي گردشي قرض کي گهٽائڻ لاءِ معاهدا ڪيا ويا.