ٻوليءَ مضمون طور پڙهائڻ لاءِ ملٽي لينگوئل پاليسي جو فيصلو

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي کاتي پاران سنڌ ۾ ٻوليءَ کي مضمون طور پڙهائڻ لاءِ ملٽي لينگوئل ايجوڪيشن پاليسي متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ برٽش ڪائونسل پاران ٽيڪنيڪل مدد فراهم ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي تعليم ۽ معدنيات جي ترقي واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاه سان برطانوي ڪائونسل جي اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي اڳواڻي برٽش ڪائونسل ڏکڻ ايشيا جي ريجنل ڊائريڪٽر هيلن سلوسٽر ڪئي. وفد ۾ برٽش ڪائونسل پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جيمز هيمپسن ۽ EaSTE-II پروگرام جي مينيجر ۽ فوڪل پرسن محمد عمر پڻ شامل هئا. جڏهن ته اسڪول ايجوڪيشن کاتي پاران سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد علي عباسي ۽ ٻيا آفيسر پڻ شريڪ ٿيا. ملاقات دوران سنڌ ۾ تعليم جي بهتري، استادن جي پيشه وراڻي تربيت ۽ تدريس جي معيار کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزير تعليم سيد سردار علي شاه چيو ته ملٽي لينگوئل ايجوڪيشن پاليسي متعارف ٿيڻ کان پوءِ ٻوليءَ کي مضمون طور پڙهائڻ لاءِ هڪ معياري ۽ هڪجهڙو تدريسي طريقه ڪار تيار ڪرڻ ۾ مدد ملندي، هن چيو ته هن قدم سان شاگرد پنهنجي مادري ٻولي ڳالهائڻ سان گڏ پڙهڻ ۽ لکڻ جون بنيادي مهارتون اثرائتي طريقي سکي سگھندا.وزير تعليم برٽش ڪائونسل جي فني مدد حاصل ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته ٻوليءَ کي مضمون طور مؤثر نموني پڙهائڻ پيشه ورانه قابليت ۽ تربيت کانسواءِ ممڪن ناهي. هن واضح ڪيو ته سنڌ ۾ انگريزي، اردو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ نصاب موجود آهي ۽ ملٽي لينگوئل پاليسي جي مدد سان اهو طئي ڪرڻ آسان ٿيندو ته ٻار جي ڳالهائڻ  (Speaking)، ٻڌڻ/سمجهه (Listening)، پڙهڻ (Reading) ۽ لکڻ (Writing) وارين  مهارتن جي باقاعده تربيت ڪهڙي انداز ۾ ڏني وڃي. ملاقات ۾ برٽش ڪائونسل جي سهڪار سان جاري English as  a Subject for Teachers and Educators (EaSTE-II)  پروگرام جي ٻئي مرحلي بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته پروگرام جي باضابطه شروعات کان پوءِ تربيتي ماڊيول تي ڪم جاري آهي ۽ ان تحت هڪ هزار مينٽورز ۽ ٽيهه هزار استادن جي تربيت ڪئي ويندي. وزير تعليم چيو ته نون ڀرتي ٿيندڙ استادن جي پروفیشنل ڊولپمينٽ سنڌ حڪومت جو اهم هدف آهي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.