خيرپور(ڊ ر)شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ 147 جعلي ڊگرين جو اسڪينڊل، صوبائي وزير جو نوٽيس، اعليٰ سطحي جاچ جو حڪم ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان 147 جعلي ڊگريون جاري ٿيڻ واري سنجيده اسڪينڊل تي يونيورسٽيز ۽ بورڊز کاتي سنڌ جي صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو سخت نوٽيس وٺندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته معاملي جي شفاف جاچ لاءِ اعليٰ سطحي جاچ ڪميٽي جوڙڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن ذريعن موجب، يونيورسٽي جي رجسٽرار طرفان جعلي ڊگريون حاصل ڪندڙ 130 ڄڻن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ بعد جاچ جو عمل تيز ٿي ويو آهي. صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو سيڪريٽري يونيورسٽيز محمد عباس بلوچ کي هدايت ڪئي آهي ته جعلي ڊگرين واري اسڪينڊل بابت اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪري جامع رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جيئن ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهجي،ان حوالي سان صوبائي وزير جو چوڻ آهي ته جعلي ڊگريون ٺاهڻ ۽ وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث مافيا خلاف بنا ڪنهن دٻاءَ جي سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي هن واضح ڪيو ته تعليمي نظام سان ڪنهن به قسم جو سمجهوتو برداشت نه ڪيو ويندو ۽ ادارن جي ساک کي نقصان پهچائڻ وارن خلاف قانون موجب قدم کنيا ويندا، جعلي ڊگرين واري ڪيس ۾ داخل ٿيل ايف آءِ آر جو انويسٽيگيشن آفيسر سب انسپيڪٽر رفيق احمد پٺاڻ عملي سميت شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور پهچي رجسٽرار کان تفصيل حاصل ڪيا جاچ آفيسر موجب، جعلي ڊگريون حاصل ڪندڙ جوابدارن جا مڪمل نالا، رهائشي پتا، رابطا نمبر ۽ جاري ڪيل جعلي ڊگريون حاصل ڪرڻ ضروري آهن ته جيئن انهن جي تصديق بعد گرفتارين جو عمل شروع ڪري سگهجي سب انسپيڪٽر رفيق احمد پٺاڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيئن ئي يونيورسٽي انتظاميه طرفان گهربل تفصيل فراهم ڪيا ويندا تيئن جعلي ڊگرين واري ڪيس جي جاچ کي وڌيڪ اڳتي وڌايو ويندو ۽ قانون موجب ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.