سانگھڙ (پ ر) عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي قومي ڪميٽيءَ جو اجلاس سانگھڙ ۾ سنڌ جي صدر قاضي علي نواز نظاماڻي جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ پارٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ اختر حسين ايڊووڪيٽ خصوصي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ جي موجوده سياسي، سماجي ۽ معاشي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ اندر وڌندڙ لاقانونيت، عورتن مٿان تشدد، جنسي حملا ۽ قبائلي جھيڙا ڪو اتفاقي عمل ناهن، پر اهي جاگيري باقيات ۽ سرمائيداراڻي سماجي ڍانچي جا اڻ ٽر نتيجا آهن. رياست فقط حڪمران طبقن جي مفادن جي محافظ بڻيل آهي، مظلوم طبقن جي جان، عزت ۽ مال جي تحفظ ۾ ناڪام نه پر مڪمل طور بي حس ۽ لاتعلق آهي، جنهن سبب سماج ۾ خوف، بي يقيني ۽ بدامني جو راڄ قائم ٿي چڪو آهي، عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري اثر امام ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪندي چيو ته سنڌ جو هاري ۽ مزدور سرمائيدار ۽ جاگيردار اتحاد جي ٻٽي استحصال جو شڪار آهي. هارين کي فصلن جا مناسب اگهه نٿا ملن، جڏهن ته شهرن، خاص طور ڪراچي جهڙن وڏن شهرن ۾، روزگار جا ذريعا تيزي سان ختم ٿيندا پيا وڃن. هي صورتحال سرمائيداري نظام جي گهري بحران جي علامت آهي، جنهن ۾ منافعو چند هٿن ۾ مرڪوز ٿي ويو آهي ۽ عوام جي اڪثريت معاشي عدم تحفظ ۾ ڌڪي وئي آهي، پارٽي جي عورت سيڪريٽري ڪامريڊ سڪينه بتول چيو ته چوٽياري جي علائقي ۾ هڪ معصوم ٻارڙي تي ٿيل تشدد ۽ بعد ۾ سندس ڪردار ڪشي رڳو هڪ فرد جو جرم نه، پر پدرشاهي ۽ طبقاتي سماج جي گڏيل ظلم جو واضح اظهار آهي. عورتن ۽ ٻارن مٿان ٿيندڙ تشدد استحصالي نظام جي پيداوار آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ رڳو قانوني قدمن بدران سماجي ۽ معاشي ڍانچي ۾ بنيادي تبديلي ضروري آهي، پارٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ اختر حسين ايڊووڪيٽ چيو ته حڪمران طبقا پنهنجي اقتدار ۽ مفادن جي حفاظت لاءِ آئين ۾ ترميمون ته ڪن ٿا، پر آئين ۾ موجود بنيادي انساني حقن کي عملي صورت ڏيڻ کان قاصر آهن. تعليم ۽ صحت کي بنيادي حق تسليم ڪرڻ باوجود، لکين ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، جيڪي گهڻو ڪري هاري ۽ مزدور طبقن سان تعلق رکن ٿا ۽ مجبورن محنت مزدوري ڪرڻ تي مجبور آهن.