قاضي احمد ۾ خوفناڪ حادثو، اسپيشل برانچ اهلڪار سوڌو 3 فوت، 3 زخمي

قاضي احمد (رپورٽ: مومن جوڻو) قاضي احمد نواب شاھ لنڪ روڊ تي ٽرڪ، ڪار ڦٽي رڪشا ۾ خوفناڪ حادثو اسپيشل برانج جي اھلڪار سميت 3 ڄڻا فوت 3 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، قاضي احمد نوابشاھ لنڪ روڊ تي خير شاھ اسٽاپ تي ڪار ٽرڪ ۽ لوڊر رڪشا ۾ خطرناڪ حادثو پيش آيو، ڪار ۾ سوار جتوئي برادري لاکاٽ ۽ قاضي احمد جا ماڻهو ھئا جن مان ٻن ڄڻن لاکاٽ جي رھواسي اسپيشل برانچ پوليس جي منٺار جتوئي ۽ شوڪت ڪالوني واسي حاجي خان جتوئي ۽ رڪشي ڊرائيور صدام حسين زرداري جي فوت ٿيڻ جي تصديق 3 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو ڏيکاريو ويو، فوتين ۽ زخمين کي مقامي ماڻهن ۽ پوليس پھچي نواب شاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.