گل پلازا سانحو، بيسمينٽ جي رستن تي تالا لڳڻ جو انڪشاف، جاچ لاءِ ڪميٽي قائم

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ واقع شاپنگ سينٽر گل پلازا ۾ لڳندڙ باهه کان پوءِ سرچ آپريشن دوران بيسمينٽ ۾ داخل ۽ نڪرڻ وارن رستن تي تالا لڳل هجڻ جو اهم انڪشاف ٿيو، سرچ ۽ ريسڪيو ٽيمنپاران تيار ڪيل ويڊيوز ۾ واضح طور ڏسي سگهجي ٿو ته بيسمينٽ جا دروازا بند ۽ تالا لڳل هئا، شروعاتي جاچ موجب باهه بيسمينٽ ۾ لڳي، جتي پهچڻ محدود هجڻ سبب صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي وئي، سرچ آپريشن تقريبن مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ حاصل ڪيل ثبوت اعليٰ عملدارن حوالي ڪيا ويا، شروعاتي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته باهه 17 جنوري جي رات لڳي، جنهن سان تقريبن 1200 دڪان متاثر ٿيا ۽ عمارت جو هڪ حصو ڊهي پٽ پئجي ويو، پوليس پاران اڻڄاتل ماڻهن خلاف قتل، غفلت ۽ لاپرواهي جون شقون شامل ڪيون ويون، ڊي آءِ جي ڏکڻ جي هدايت تي گل پلازا جي تحقيق لاءِ خاص پنج رڪنن تي مشتمل ٽيم قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا واقعن جي سمورن رخن جي جاچ ڪندي ۽ ملوث جوابدارن جي سڃاڻپ ڪري قانوني ڪارروائي ڪندي، سانحي کان پوءِ ملڻ واري انساني باقيات جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي، جن مان ڪجهه جي سڃاڻپ ڊي اين اي ٽيسٽ سان پڻ مشڪل آهي، هن وقت تائين 73 لاش برآمد ٿيا آهن، جن مان 23 جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، 82 لاپتا ماڻهن جي فهرست موجود آهي، ضلعي انتظاميا موجب عمارت کي سيڪشن وار سيڪور ڪيو پيو وڃي ۽ سرچ آپريشن جي آخري مرحلن لاءِ حفاظتي تدابير جاري آهن. ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ جاويد نبي کوسو چيو ته عمارت مڪمل طور محفوظ ٿيڻ بعد سيل ڪئي ويندي، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڊي سي ٻڌايو ته ٽيڪنيڪل ٽيم آخري ڀيرو عمارت اندر پئي عمارت کي مڪمل طور سيل ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن اڃا به ڪنهن جو پيارو گم آهي ته هو لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪري سگهي ٿو، ڊي سي موجب 79 لاپتا ماڻهن مان 13 جي وارثن اڃا تائين ڊي اين اي سيمپل جمع نه ڪرايا آهن، جڏهن ته 30 لاشن جو ڊيٽا حڪومت ڏانهن اماڻيو ويو آهي ته جيئن وارثن کي ادائيگيون ڪري سگهجن، هن وقت تائين 73 لاش هٿ آيا آهن، جن مان 23 لاشن جي سڃاڻپ مڪمل ڪري ميتون وارثن حوالي ڪيون ويون، جڏهن ته مقرر وقت تائين رابطو نه ڪندڙن کي فهرست مان خارج ڪيو ويندو، ٻئي پاسي ٽيڪنيڪل ٽيم گل پلازا عمارت جو آخري دورو مڪمل ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ عمارت کي سيل ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو،  عمارت جي چوڌاري لوهي شٽرنگ لڳائڻ جو ڪم جاري رکيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.