ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ بلوچستان کان ايندڙ لڳاتار هوائن سبب سيءُ جي شدت برقرار آهي، جنهن ڪري شهر ۾ اڄ به گرمي پد سنگل ڊجيٽ ۾ رڪارڊ ڪيو ويو، موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم سيءُ واري ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته اتر اوڀر طرف کان20 کان 40 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رفتار سان هوائون هلڻ جو امڪان آهي، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران هوا ۾ نمي جو تناسب 20 کان 50 سيڪڙو رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو، موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ ڪالهه گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 8.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته اڄ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 9 کان 11 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي، ٻه ڏينهن اڳ شهر ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 21.3 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو، جڏهن ته شهر ۾ شديد سيءُ جي لهر ماڻهن کي وائڙو ڪري ڇڏيو.