فوج جي حڪم تي تيره وادي خالي ڪرائڻ جي ترديد، ماڻهو پاڻ لڏي رهيا آهن\وفاقي حڪومت

اسلام آباد (بيورو) حڪومت فوجي حڪمن تي تيرا ماٿري کي خالي ڪرائڻ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت سوشل ميڊيا تي هڪ پيغام ۾ واضح ڪيو ته حڪومت انهن گمراهه ڪندڙ خبرن جو نوٽيس ورتو آهي جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته فوجي حڪمن تي تيرا ماٿري خالي ڪئي پئي وڃي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت چيو ته اهي دعوائون بي بنياد، بدنيتي تي ٻڌل آهن ۽ مخصوص مقصدن لاءِ ڪيون پيون وڃن، جن جو مقصد عوام ۾ خوف ۽ هراس پکيڙڻ، سيڪيورٽي ادارن خلاف غلط ڄاڻ ڏيڻ ۽ ذاتي ۽ سياسي مفاد حاصل ڪرڻ آهي. اطلاعات واري وزارت واضح ڪيو ته وفاقي حڪومت يا هٿياربند فوج پاران تيرا کي خالي ڪرائڻ جو ڪو به حڪم جاري نه ڪيو ويو آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارا معمول مطابق صرف انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي دهشتگرد عنصرن خلاف ڪارروائي ڪندا آهن ۽ ان دوران، مڪمل خيال رکيو ويندو آهي ته شهرين جي زندگين تي اثر نه پوي. انهن ڪارروائين لاءِ ڪنهن به قسم جي آبادي جي منتقلي يا لڏپلاڻ جي ضرورت ناهي، ۽ نه ئي اهڙو ڪجهه ڪيو پيو وڃي. اطلاعات واري وزارت چيو ته اهو پڻ قابل ذڪر آهي ته مقامي آبادي پاڻ خارجين جي موجودگي تي خدشو ظاهر ڪري رهي آهي ۽ تيرا ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿي. اطلاعات واري وزارت موجب، خيبر پختونخواه حڪومت جي رليف، بحالي ۽ آبادڪاري کاتي 26 ڊسمبر 2025 تي هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو جنهن تحت (رپورٽ موجب 4 ارب رپيا) جي رقم جاري ڪئي وئي آهي. هي رقم تيرا (باغ) جي ڪجهه علائقن مان آبادي جي ممڪن، عارضي ۽ رضاڪاراڻي منتقلي کي نظر ۾ رکندي رکي وئي آهي ته جيئن اڳواٽ تياري ۽ امدادي قدم کنيا وڃن، جنهن ۾ ٽرانسپورٽ، کاڌي جي فراهمي، روڪ امداد ۽ عارضي رهائش ۽ رجسٽريشن سينٽرن جو قيام ۽ انتظام شامل آهن. اطلاعات واري وزارت چيو ته دستاويز ۾ اهو به واضح ڪيو ويو آهي ته ڊپٽي ڪمشنر خيبر جي مطابق، هي تجويز ڪيل رضاڪاراڻي منتقلي مقامي آبادي جي راءِ ۽ خواهشن جي عڪاسي ڪري ٿي، جيڪا ضلعي سطح تي منعقد ٿيندڙ هڪ نمائندي جرڳي ذريعي سامهون آئي هئي. ان ۾ موسمي حالتن، انتظامي سهولتن ۽ ٻين مقامي عنصرن کي مدنظر رکيو ويو آهي ۽ اهو ڪئمپن کان سواءِ ڪيو ويندو. اطلاعات واري وزارت موجب، صوبائي حڪومت يا ان جي ڪنهن به عهديدار پاران ميڊيا کي ڏنل ڪو به بيان جيڪو هن بي گھر ٿيڻ کي هٿياربند فوجن سان ڳنڍي ٿو، مڪمل طور تي غلط، هٿرادو ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهي. اهڙا بيان سياسي فائدي لاءِ ڏنا پيا وڃن ۽ بدقسمتي سان سيڪيورٽي ادارن کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش آهي، جيڪو افسوسناڪ آهي. ٻئي طرف ترقي ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته تيرا ۾ عدم تحفظ ۽ دهشتگردن جي موجودگي سبب ماڻهو لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن. هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته تيرا ۾ ڪو به وڏو فوجي آپريشن نه ڪيو ويندو، دهشتگردن خلاف انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن هڪ عام ڳالهه آهي جيڪا جاري رهندي. هن چيو ته خيبر پختونخواه حڪومت کي جواب ڏيڻ گهرجي ته لڏپلاڻ ڇو ٿي رهي آهي ۽ اهي ماڻهو دهشتگردن سان گڏ آهن يا پاڪستان جي عوام سان؟ پي ٽي آءِ پاڪستان جي ادارن خلاف هڪ منظم مهم هلائي رهي آهي. هن چيو ته خيبر پختونخواه ۾ امن برقرار رکڻ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، اسان صوبائي حڪومت کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هر ممڪن سهڪار  فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.