ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ شديد سيءُ سبب صوبائي اسڪول ايجوڪيشن کاتي اسڪولن ۾ تعليم جي شروعات صبح 9 وڳي شروع ڪرڻ جي فيصلي ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي، تعليم کاتي موجب سمورن سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ هي فيصلو لاڳو هوندو ۽ باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، اسڪولن جو معمولموجب بند ٿيڻ جو وقت برقرار رهندو پر صبح جي شروعات 4 فيبروري تائين صبح 9 وڳي ٿيندي، واضح رهي ته ان کان اڳ 11 جنوري کان اسڪولن ۾ تعليم جي شروعات صبح 9 وڳي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، جيڪو 26 جنوري تائين لاڳو رهڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو هو. شديد سيءُ جي لهر سبب هاڻي ان فيصلي ۾ وڌيڪ واڌ ڪئي وئي آهي.
-
پنجاب ۾ عمارتن اندر باهه وسائڻ جا اوزار لازمي قرار
لاهور (بيورو) پنجاب حڪومت گل پلازا سانحي کان پوءِ صوبائي ڪمرشل عمارتن لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون، چيف سيڪريٽري پنجاب ڪمشنرز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز سان آن لائن اجلاس ۾ چيو ته ڪمرشل عمارتن ۾ باهه وسائڻ جا اوزار نصب ڪرڻ لازمي هوندا ۽ لوڪل گورنمينٽس کي ايس او پيز تي سختي سانعملدرآمد ڪرائڻ جي هدايت ڏني وئي، چيف سيڪريٽري موجب 3 منزلن کان مٿي عمارتن ۾ هنگامي حالتن ۾ نڪرڻ لاءِ اسٽيل جون ڏاڪڻيون لازمي لڳائڻيون آهن ۽ ڏاڪڻيون هر فلور سان صحيح طرح جڙيل هجن، اسٽيل جون ڏاڪڻيون لڳائڻ لاءِ ڪنهن به قسم جو اين او سي گهربل نه هوندو.
-
ڪراچي پريس ڪلب جي ناڪابندي،بي واءِ سي پريس ڪانفرنس نه ڪري سگهي
ڪراچي(رپورٽر) بلوچ يڪجهتي ڪميٽي (بي واء سي ) پاران ڪراچي پريس ڪلب جي چو طرف پوليس جي سخت ناڪا بندي ۽ ڪري بلوچستان ۾ انساني حقن جي صورتحال تي پنهنجي سالياني رپورٽ جاري ڪرڻ لاءِ منعقد ڪيل پريس ڪانفرنس نه ڪري سگهي،اها پريس ڪانفرنس ڪالهه آچر تي 3 وڳي ڪراچي پريس ڪلب ۾ منعقد ٿيڻي هئي، پر پوليس جي ناڪابندي سبب تقريب اڃا تائين منعقد نه ٿي سگهي.ڪراچي انتظاميا ڪراچي پريس ڪلب ڏانهن ويندڙ مکيه رستن تي صبح جو ئي بسون، خالي ڪنٽينر رکي ڪلب جي چو طرف سمورا رستا بند ڪري پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي هئي، جڏهن ته انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ ٻي واء سي اڳواڻن کي پريس ڪلب تائين پهچڻ کان روڪڻ لاءِ مختلف هنڌن تي رڪاوٽون ۽ چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون هيون.بلوچ ساليڊريٽي ڪميٽي جي هڪ بيان موجب، پريس ڪانفرنس ۾ بلوچستان ۾ جبري گمشدگين، عدالت کان مٿانهين قتلن، اجتماعي سزا، عورتن ۽ ٻارن کي هراسان ڪرڻ ۽ ٻين سنگين انساني حقن جي خلاف ورزين بابت تفصيلي سالياني رپورٽ پيش ڪئي ويندي. رپورٽ ۾ گذريل هڪ سال دوران پيش ايندڙ اهم واقعا، متاثر خاندانن جا تصديق ٿيل انگ اکر ۽ اکين ڏٺن شاهدن جا بيان شامل هئا. سنڌ پوليس بلوچ تنظيم جي مرڪزي اڳواڻن سميع دين بلوچ، لالا وهاب بلوچ، فوزيه بلوچ ۽ ٻين اڳواڻن کي ڪراچي پريس ڪلب پهچڻ کان روڪڻ لاءِ مختلف هنڌن تي ناڪا بنديون ڪيون.ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران شام دير تائين پوليس جي ناڪا بندي موجود هئي