اسلام آباد(عاصمه شيرازي)ڪالهه راولپنڊي ۾ هڪ انتهائي اهم بريفنگ ٿي، جنهن ۾ قومي سلامتي سان لاڳاپيل انتهائي اهم ۽ سينئر آفيسر شامل هئا. ان بريفنگ ۾ صحافين سان گڏ يوٽيوبَر، وي لاگر ۽ ميڊيا جا نمائندا به موجود هئا. هي بريفنگ مڪمل طور تي آف دي رڪارڊ هئي، يعني جيڪا به ڳالهه ڪئي وئي، سا نالن يا سڌي حوالن کان سواءِ شيئر ڪرڻي هئي.بريفنگ ۾ سڀ کان پهريون ۽ اهم سوال غزه امن بورڊ بابت هو. ان حوالي سان واضح ڪيو ويو ته هي فيصلو رياست پاڪستان جو گڏيل فيصلو آهي،حڪومت، فوج ۽ ٻيا سڀ اسٽيڪ هولڊرز ان تي متفق آهن،پاڪستان غزا بابت ڪجهه ريڊ لائنز مقرر ڪيون آهن، جن کي ڪنهن به صورت ۾ پار نه ڪيو ويندو. فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ به واضح چيو ويو آهي ته پاڪستان هميشه اسرائيلي نسل ڪشي (Genocide) جي مذمت ڪئي آهي؛امن بورڊ ۾ شموليت جو مقصد صرف ۽ صرف غزا ۾ هلندڙ قتل عام کي روڪڻ۽ انساني جانين کي بچائڻ آهي.امن بورڊ جو حصو بڻجڻ جو مطلب هرگز اهو ناهي ته پاڪستان ڪنهن فوجي فورس جو حصو بڻجي رهيو آهي.واضح طور چيو ويو پاڪستان جا فوجي ڪڏهن به فلسطيني عوام خلاف استعمال نه ٿيندا،ٽِن ڊويزن موڪلڻ” واريون خبرون مڪمل طور بي بنياد آهن. پارليامينٽ کي اعتماد ۾ نه وٺڻ بابت سوال جي جواب ۾ چيو ويو ته آئين حڪومت کي اهو اختيار ڏئي ٿو،حڪومت فيصلو ڪندي، ۽ ساڳي طريقي سان اڳتي وڌبو؛دنيا جي گهڻن ملڪن ۾ به اهڙن فيصلن ۾ پارليامينٽ شامل نه ڪئي ويندي آهي.پر گڏوگڏ اهو به چيو ويو ته اسان ڪڏهن به اهڙو فيصلو نه ڪنداسين جيڪو پاڪستاني يا فلسطيني عوام جي خواهشن جي ابتڙ هجي،جڏهن ته دهشتگردن سان ڳالهه ٻولهه جو ڪو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ضروري آهي.خيبرپختونخوا بابت انگ اکر ڏنا ويا:بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ 70 سيڪڙو کان گهٽتائي ٿي آهي،هاڻي صورتحال 29 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.عوام جو اعتماد وڌي رهيو آهي.جنرل فيض بابت سوال تي چيو ويو ته هو نوٽيفائيڊ قيدي آهي،بريفنگ ۾ بار بار چيو ويو ته فوج مڪمل طور تي سياسي نظام سان گڏ بيٺل آهي،سمورا اهم فيصلا سياسي قيادت ڪندي آهي،9۽ 10 مئي وارا فيصلا وزيراعظم ڪيا، فوج ساڻس گڏ بيٺي. فيلڊ مارشل به اڳ ۾ اهو ڪريڊٽ وزيراعظم کي ڏئي چڪا آهن.پرڏيهي پاليسي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي سفارتڪاري واضح ڪيو ويو ته پاڪستان ڪنهن به بلاڪ جو حصو ناهي،آمريڪا، چين، ايران، سعودي عرب ۽ يو اي اي سان متوازن لاڳاپا آهن؛ چين بورڊ آف پيس ۾ ناهي، پر پاڪستان موجود آهي، جنهن سان چين جو مفاد به محفوظ رهي ٿو.بريفنگ جو نتيجو اهو آهي ته رياست پاڪستان وٽ واضح پاليسي آهي؛ڇا ڪرڻو آهي ۽ ڇا نه ڪرڻو آهي، ان تي مڪمل ڪليرٽي آهي،سياسي حڪومت ۽ فوج ۾ ڪو به اختلاف ناهي؛فلسطين، ڪشمير ۽ قومي سلامتي تي ڪا به ريڊ لائن ڪراس نه ٿيندي؛دهشتگردي خلاف وڌيڪ سخت قدم کنيا ويندا.