حيدرآباد (پ، ر) سنڌياڻي تحريڪ طرفان سنڌ ۾ نياڻين سان ٿيندڙ منظم جنسي تشدد، ادارتي ڏاڍ، ڪارو ڪاري ۽ رياستي بي حسي خلاف پريس ڪلب حيدآباد آڏو علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي. بک ھڙتال ۾ 5 سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمراھ سمون، جنرل سيڪريٽري ماروي سنڌو، سبحاني ڏاھري، شاهين راڄپر، ڊاڪٽر آمنا لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪئي وئي.سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن عمراھ سمون ۽ ماروي سنڌو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته چوٽياريون ۽ ٺل جا واقعا رڳو الڳ الڳ ڪيس ناهن، آهي پ پ پ جي عورت دشمن حڪمراني جو نتيجو آهن، چوٽياريون ۽ ٺل جا واقعا ثابت ڪن ٿا ته پوليس قانون جي نگهبان نه پر ڏوهارين جي ساٿي بڻجي چڪي آهي. اينٽي ريپ ڪرائسس سيل، جيڪو نياڻين جي تحفظ لاءِ ٺاهيو ويو هو، مڪمل طور غيرفعال آهي. هي سماج هاڻي قانون سان نه، طاقت، پريشر ۽ دهشت سان هلي رهيو آهي.بک ھڙتال ۾ مطالبا ڪيا ويا ته چوٽياريون ۽ ٺل ڪيسن ۾ ملوث سڀني پوليس اهلڪارن ۽ بااثر جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري کليل عدالتن ۾ ڪيس هلايا وڃن.اڪري چودڳي ۾ قتل ٿيل 12 ٻارن جي ماءُ، دادو جي خميران ۽ ڪراچي جي نازيه سميت سڀني مقتول عورتن جي وارثن کي انصاف ڏنو وڃي.