گهريلو ملازمه ڏاڍائي ڪيس، جوابدار جو رمانڊ منظور، ناري جو ڊي اين اي ڪرائڻ جو حڪم

راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي ۾ 13 ورهين جي گهريلو ملازمه سان ڏاڍائي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جتي گرفتار جوابدار عبدالوهاب جو وڌيڪ چار ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪيو ويو، ٻڌڻي دوران  جوابدار کي سخت پهري هيٺ ٿاڻي مان عدالت آندو ويو، جوابدار عدالت ۾ الزام رد ڪندي بيان ڏنو ته ڇوڪري ست مهينن جي ڳورهاري آهي، جڏهن ته هو پاڻ چار مهينا اڳ ئي ملازمت تي آيو هو، تنهن ڪري الزام بي بنياد آهن، عدالت جوابدار ۽ متاثر ڇوڪري ٻنهي جا ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو، عدالت هدايت ڪئي ته 27 جنوري تي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.