ملڪ جي مٿاهن علائقن ۾ برفباري، رستا بند، 11 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

اسلام آباد/ چترال (بيورو/ م ڊ) ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ شديد برفباري سبب نظامِ زندگي مفلوج ٿي ويو، جڏهن ته ڪيترين ئي شاهراهن جي بند ٿيڻ ڪري مقامي آبادي سان گڏ سياح به ڦاسي پيا، مختلف حادثن دوران ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا، ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته سخت سيءُ ۽ ترڪندڙ رستن سبب ٽريفڪ جي رواني به بري طرح متاثر ٿي رهي آهي، برفباري سبب بلوچستان جي اترين علائقن ۾ برفاني طوفان جاري رهيو، ڪوئٽا،  زيارت شاهراهه تي درجنين گاڏيون ڦاسي پيون، جڏهن ته چمن جي آس پاس علائقن ۾ سئو کان وڌيڪ سياح پنهنجي گاڏين ۾ موجود هئا، اين  پنجاهه شاهراهه تي مختلف هنڌن تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جنهن سبب بين الصوبائي آمدرفت مڪمل طور تي متاثر ٿي آهي، اين ، پنجاهه شاهراهه تي برف ۽ ترڪندڙ رستن سبب 9 مختلف حادثا پيش آيا، جن ۾ 27 ڄڻا زخمي ٿيا، چترال جي علائقي سريگال دميال ارندو ۾ برفاني ڇپ ڪرڻ جو افسوسناڪ حادثو پيش آيو، حادثي دوران هڪ ئي خاندان جا 10 ماڻهو ملبي هيٺان اچي ويا، جن مان 9 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ٻار کي زندہ بچايو ويو، ڊپٽي ڪميشنر چترال رائو هاشم موجب فوتين جي لاشن کي ملبي مان ڪڍي چترال وارڊاپ دروش منتقل ڪيوويو آهي، ڪوجڪ ٽاپ تي سخت  سائبيرين هوائن سبب اين، پنجويهه چمن، ڪوئٽه، ڪراچي شاهراهه تي گرمي پد منفي ٻارنهن ڊگري سينٽي گريڊ تائين ڪري پيو، جنهن سان سيءُ جي شدت ۾ اضافو ٿيو، شيلا باغ ڀرسان گاڏين جي ٽڪر سبب ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ست زخمي ٿيا، ڪوئٽه ۾ به سياري جي پهرين برفباري رڪارڊ ڪئي وئي، خيبرپختونخوا جي ضلعن مانسهره، گليات، شانگله، لوئر دير، مهمند، ڪالام، اورڪزئي، چترال ۽ خيبر ۾ به شديد برفباري ٿي، ضلعي خيبر جي وادي تيراهه ۾ برسات ۽ برفباري سبب لڳ ڀڳ سئو گاڏيون ڦاٿي پيون، جڏهن ته 35 ڄڻن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو، شانگله ۾ برفباري کان پوءِ بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو ۽ چترال ۾ ڪيترائي رابطا رستا بند ٿي ويا، ناران ۾ ڇهه انچ ۽ شوگران ۾ ڏيڍ انچ برف پوڻ جا اطلاع مليا، جتي سياحن جي وڏي انگ برفباري مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ پهتو، گلگت بلتستان جي ضلعي استور جي بالائي علائقن ۾ ٻه کان ٽي فٽ برف پوڻ سبب زميني رابطا ڪٽجي ويا، جڏهن ته ماڻهو گهرن ۾ محدود ٿي ويا، هنزه، نگر، چيپورسن، چلاس، بابوسر ٽاپ، نانگا پربت، بٽوگاهه، داريل ۽ تانگير ۾ به برفباري سان سيءُ جي شدت ۾ واڌ اچي وئي، آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ بالائي علائقن ۾ وقفي وقفي سان برفباري جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته مري ۾ برفباري سبب مري ايڪسپريس وي جزوي طور بند ڪئي وئي، ٻئي پاسي وادي تيراهه ۾ ريسڪيو هڪ هڪ ٻه ٻه ٽيمون متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ آپريشن ۾ مصروف هيون، ترجمان موجب سندانهه وٽ ڦاٿل ويهه گاڏين ۾ سوار پنجاهه کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ نموني ريسڪيو ڪيو ويو. باڙا بٽه تل ۾ برسات سبب هڪ گهر جو ڪمرو ڪرڻ ڪري پنج ڄڻا ملبي هيٺ دٻجي ويا، جن کي ريسڪيو ٽيمون ڪڍي طبي امداد فراهم ڪئي، ڊپٽي ڪمشنر سوات پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته شديد برفباري سبب سياح مالم جبا، ڪالام ۽ ٻين بالائي علائقن ڏانهن سفر دوران انتهائي احتياط ڪن.

تيرا ۾ آپريشن سبب لڏپلاڻ ڪندڙ نئين ڏکيائي ۾ ڦاسي ويا

خيبر (م ڊ) تيرا ماٿري ۾ جاري فوجي آپريشن سبب لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن کي سخت برفباري سبب وڌيڪ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو  پئجي رهيو آهي. خيبر ضلعي ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان برفباري سبب هاءِ وي بند آهن، جڏهن ته لڏپلاڻ ڪندڙن جون ڪيتريون ئي گاڏيون مختلف هنڌن تي ڦاسي پيون آهن. ريسڪيو 1122 موجب، ترڪڻ ۽ برفاني روڊن ٽريفڪ کي متاثر ڪيو، جنهن کانپوءِ فوري طور تي ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو. ريسڪيو ٽيمن ناري بابا، دعا ٽوئي، پائيندا چين، نانگروسا ۽ تختڪي علائقن مان 55 ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو جن ۾ عورتون، ٻار ۽ بزرگ شامل آهن، جڏهن ته 20 کان وڌيڪ گاڏيون پڻ ڪڍيون ويون. خيبر ضلعي ميڊيا سيل موجب، متاثرن کي اسڪولن ۽ هاسٽلن ۾ منتقل ڪيو ويو ۽ ڪمبل، گرم ڪپڙا ۽ کاڌو فراهم ڪيو ويو. ان دوران، هڪ افسوسناڪ واقعي ۾، هڪ لڏپلاڻ ڪندڙ خاندان جي گاڏي کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي ڪري ٻه ٻار فوت ٿي ويا ۽ ٽي ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن کي پشاور منتقل ڪيو ويو. وڏي وزير سهيل آفريدي زخمين جي عيادت ڪئي. صوبائي حڪومت صورتحال جو نوٽيس وٺندي امدادي سرگرميون تيز ڪرڻ ۽ رستا کليل رکڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن. انتظاميا موجب، خراب موسم جي ڪري آءِ ڊي پيز جي رجسٽريشن عارضي طور تي معطل ڪئي وئي آهي.

ڪراچي ۾ به سيءُ وڌي ويو، فلائٽ آپريشن متاثر

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ به سيءُ ۾ واڌ اچي وئي، ڪراچي ۾ هڪ ڏينهن اڳ  پوندڙ برسات کان پوءِ شهر ۾ ٿڌ وڌي وئي، جڏهن  ته سڀ کان گهٽ گرمي پد بن قاسم علائقي ۾ رڪارڊ ڪيو ويو، موسميات کاتي موجب بن قاسم شهر جو سڀ کان ٿڌو علائقو رهيو، جتي گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 7.4 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو.موسميات کاتي ٻڌايو ته شاهراهه فيصل تي گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 11.5 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو، جڏهن ته گلستان جوهر ۽ جناح ٽرمينل تي گرمي پد 10.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، ان کانسواءِ ماڙي پور علائقي ۾ پارو 8.5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين ڪري پيو، جڏهن ته خراب موسم سبب 7 اڏامون معطل ڪيون ويون آهن، 51 اڏامون دير جو شڪار رهيون،  فلائٽ شيڊول موجب لاهور کان ڪراچي لاءِ 7 اڏامن ۾ هڪ کان 8 ڪلاڪن جي دير ڪئي وئي آهي،جڏهن ته ڪراچي کان لاهور لاءِ 2 اڏامن ۾ هر هڪ ۾ 6 ڪلاڪ جي دير رڪارڊ ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.