نوابشاهه ۾ شاگرد راهول جي قتل خلاف هزارين ماڻهن جي ريلي، ڌرڻو

نوابشاهه (عوامي آواز رپورٽ) ڪجهه ڏينهن اڳ قتل ٿيل راهول جنڊاوڙو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ هزارين ماڻهن پاران شاعر مهر ڊٻائي، شاگرد جي امڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، مقتول نوجوان جي ۽ سول سوسائٽي جي  ريلي کي روڪڻ لاءِ پوليس روڊ بند رستا ڪري ڇڏيا، ايس ايڇ اونوابشاهه علي اصغر شاهه جواب ڏيڻ کان لنوائيندو رهيو، نئين ناڪي کان سوسائٽي تائين رستي جي بندش سبب شهرين کي وڏين مشڪلاتن  جو منهن ڏسڻو پيو، شاگرد راهول جي قتل تي انصاف لاءِ راهول جهنڊاوڙو جي ماءُ، وارثن ، شهرين ۽ سول سوسائٽي جي وڏي انگ ۾ ماڻهن احتجاجي ريلي ڪڍي، روڊ بند ٿيڻ سبب شهرين کي ڏکيائيون پيش آيون، ان موقعي تي مقتول شاگرد جي وارث عورتن چيو ته راهول جي خون جو انصاف ملڻو آهي، پوليس اسان کي ڏسي ائين ورتو ڄڻ اسين دهشتگرد آهيون، ان موقعي تي رستا روڪ ڪرڻ ۽ نينگر جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ تي عورتن چيو ته راهول جي خون سان انصاف لاءِ نڪتا آهيون، پوليس اسان لاءِ ائين نڪتي آهي، ڄڻ ڪي دهشتگرد هجون، شاگرد راهول جي امڙ دانهون ڪندي چيو ته پٽ راهول جو قتل ٿيو آهي، انصاف مندر مان ملندو، پٽ جي قاتلن کي گرفتار ڪيو  وڃي، اڳواڻن جو چوڻ هو ته راهول جهنڊاوڙو جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ايتري پوليس مقرر ڪن ها ته گرفتار به ٿي وڃن ها، اي ايس پي در تابش چيو ته پوليس کي احتجاج ۾ انگيج ڪيو ويندو ته ڪيس جي جاچ تي ڪم ڪيئن ٿيندو، ٿورو وقت ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.