ميهڙ ۾ ڳلي جي بيماري پکڙجي وئي، وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت

ميهڙ (رپورٽ: فراز چنا) ميهڙ ۽ ڀرپاسي ڳلي جي بيماري وبا اختيار ڪري وئي، بيماري ۾ مبتلا وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا ھڪ ھفتي ۾ فوتين جو انگ وڌي 6 ٿي ويو، جڏھن ته 3 ٻارڙن کي ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، صحت کاتي پاران ميھڙ جي ڀٽا ڪالوني ۽ ڳوٺ انبار ۾ ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪري ورتيون، ميھڙ جي ڀٽا ڪالوني جي رھواسي راشد کوسو جي 7 ورھين جي نياڻي صغران کوسو ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي، فوت ٿي ويل ٻارڙي جو لاش ميھڙ ڀٽا ڪالوني ۾ آندو ويو جڏھن ته ھڪ ئي گھر جو ھي چوٿون ٻار فوت ٿيڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، جڏھن ته علائقي ۾ سوڳ جي لھر ڇانيل آھي فوتي ٻارڙن جي وارثن موجب تہ ڳلي جي بيماري سبب ھي چوٿون ٻارڙو فوت ٿي ويو آھي اسان سان ظلم ٿيو آھي ھنن چيو ته بيماري ۾ مبتلا ٿيل وڌيڪ اسان جا ٽي ٻارڙا 9 ورھين جو علي عباس کوسو ، 8 ورھين جو سارنگ کوسو ۽ 7 ورھين جي سائره کوسو ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ زير اعلاج آھن جن جي حالت پڻ ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي پئي ھوڏانھن ميھڙ جي گھاڙي روڊ جي رھواسي طالب حسين شيخ جو 6 ورھين جو معصوم پٽ عذير شيخ به ڳلي جي بيماري سبب لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، فوتي ٻار جي والد طالب حسين شيخ ٻڌايو ته گذريل ڏينھن منھنجي پٽ کي بخار ۽ ڳلي ۾ تڪليف ٿي ھئي جنھن کي تعلقي اسپتال ميھڙ کڻي ويس جتي ڊاڪٽر پاران حالت نازڪ ھجڻ جو چئي لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو جتي هو فوت ٿي ويو،  ميھڙ جي احمد علي ڪالوني جي رھواسي شوڪت علي چانڊيو جو 7 ورھين جو معصوم پٽ عبدالرحيم چانڊيو به ڳلي جي بيماري سبب لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، فوتي ٻار جي والد شوڪت چانڊيو ٻڌايو ته منھنجو پٽ ڪجھه ڏينھن کان بيمار ھو جنھن کي بخار ۽ ڳلي ۾ تڪليف ھئي جنھن کي لاڙڪاڻو اسپتال کڻي وياسين جتي ھو فوت ٿي ويو، علائقي واسين پاران ٻڌايو ويو ته علائقن ۾ ڪيترائي ٻار ان بيماري ۾ ورتل آهن جلد کان جلد قدم کنيا وڃن، جڏهن ته صحت کاتي پاران پڻ نوٽيس وٺي علائقن ۾ ڪيمپون قائم ڪيون ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.