ٻارن سان بدفعلي ڪندڙ جوابدار جي ڊي اين اي 8 ٻارن سان ميچ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي محمودآباد ۾ 100 کان وڌيڪ ٻارن سان بدفعلي جي سنگين ڪيس جي مرڪزي جوابدارعمران جي گرفتاري کان پوءِ جاچ جو دائرو وڌايو ويو آهي، جاچ ذريعن موجب جوابدار جو پنجاب جو ڪرمنل رڪارڊ حاصل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ملتان ۽ ڀرپاسي مختلف نوعيت جا ڪيس درج آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار خلاف 2018 کان 2023 تائين 8 ڪيس سامهون آيا، جن ۾ ٻارن سان بدفعلي، اغوا ۽ قتل جي ڪوشش جا ڪيس شامل آهن، جوابدار جي زال 2024 ۾ کيس ڇڏي ٻارن سميت فيصل آباد منتقل ٿي وئي هئي ۽ ان دوران جوابدار پنجاب اچي وڃي رهيو هو، جوابدار جو ڊي اين اي 8 متاثر ٿيل ٻارن سان ميچ ٿي ويو، هو 4 ڏينهن جي ريمانڊ تي پوليس جي حوالي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.