ڪراچي( رپورٽ: عرفان بلوچ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر فرحت الله بابر چيو آھي ته محترمه شھيد بينظير ڀٽو تي ڪتاب لکي سندس مٿان قرض لاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪراچي پريس ڪلب۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر فرحت الله بابر چيو آھي ته محترمه پيرن ۽ فقيرن جي درگاھن تي حاضري ڏيڻ سان گڏ الله جي اوليائن، برزگن جي عزت پڻ ڪندي ھئي. پريس ڪلب ۾ لائٽ اسٽون پبلشر جي امينه سيد سھڪار سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي فرحت الله بابر چيو ته ھن جي پھرين به پريس ڪلب ۾ صدر آصف علي زرداري جي ڪتاب جي مھورت ٿي گذري آھي ھر لکڻ وارو سوچيندو آھي ته ان سٺي لکڻي ھجي بينظير جو ترجمان به رھي چڪو آھيان نائين اليون ۾ ھڪ خط موڪليو ويو ۽ محترمه کي ان خط ۽ اي ميل بابت آگاھ ڪيو جنھن ۾ خطرناڪ نتيجا ڀوڳڻ وارا لفظ پڻ شامل ھئا ۽ مون محترمه کي ان بابت پڻ آگاھ ڪيو ۽ محترمه مونکي پرڏيھ موڪليو ۽ اتي ڪجھ ڳالھيون ڪيون ويون ته محترم 2007 کان اڳ وطن واپس نه اچي ۽ مشرف خلاف به ڪا ڳالھ نه ڪئي وڃي ۽ آء واشنگٽن کان دبئي پھتس ته محترمه سان ڳالھ ٻولھ ٿي محترم ان تي ناراضگي جو اظھار پڻ ڪيو ھن ڪتاب ۾ اھو به لکيو ويو آھي ته ساڳي ڳالھ ٿي محترمه 2007 تائين وطن نه آئي انڊيا سان تعلق بابت به ويهڪ ڪئي وئي جنھن کي ڳجهو رکيو ويو جلاوطن دوران محترمه کي ٻه اشو وڌيڪ ھئا ته مارشل لا جو خاتمو ڪيئن آڻي سگھجي ۽ جمھوريت کي ڪيئن بحال ڪيو وڃي.