ڪراچي (رپورٽر) نامياري عالم مفتي منيب الرحمان چيو آهي ته گل پلازا سانحي بلاول ڀٽو جي ايوان صدر ۾ بريفنگ تي پاڻي هاري ڇڏيو. هن چيوته بلاول ايوان سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي ٻڌائي هئي، گل پلازا سانحو وڏو سانحو آهي، 3 ڪروڙ آبادي واري شهر ۾ باهه وسائڻ جو نظام ئي ناهي.
-
ڪراچي ۾ شهري کان 62 لک ڦر، فائرنگ ۾ واٽهڙو مارجي ويو
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي جيل چورنگي وٽ شهري کان ڦر ڪئي وئي، ڦورو کانئس 62 لک رپيا ڦري فرار ٿي ويا. ڦورن جي فائرنگ ۾ 25 سالن جو واٽهڙو وقار احمد مارجي ويو. پوليس موجب، متاثر شهري ڪلفٽن مان بينڪ مان رقم ڪڍرائي خريد ڪيل گاڏي جي رقم ڏيڻ لاءِ شو روم پهتو هو. موٽرسائيڪل سوار هٿياربند واقعي واري هنڌان فرار ٿي ويا.