ڪنڊيارو/مٺي (نمائندن وٽان) ڪنڊيارو ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽول پلازا ويجهو اڻڄاتل هٿياربندن ڪار کي روڪي ڦر جي ڪوششڪئي، مزاحمت تي فائرنگ ۾ ڪار سوار مٺي واسي راشد پٽ غلام رسول پوري پوٽو مارجي ويو ۽ ڊرائيور ڌڻي بخش شيدي زخمي ٿي پيو. ۔مارجي ويل جو لاش ۽ زخمي کي ڪنڊيارو اسپتال آندو ويو. زخمي ڊرائيور کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه اسپتال نيو ويو. لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ايس ايس پي نوشهروفيروز روحل کوسو واقعي واري هنڌ پهچي معائنو ڪيو. ڳوٺ پوسرڪو واسي 25 سالن جو مقتول پيءُ جو علاج ڪرائڻ لاءِ گمس اسپتال وڃي رهيو هو. سندس مڙهه پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو . مقتول جي وارثن چيو ته گهرو وزير جي تڪ ۾ ڌاڙيلن نوجوان کي قتل ڪيو، ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪيا وڃن. ايم پي اي سريندر ولاسائي ايس ايس پي نوشروفيروز سان فون تي رابطو ڪري واقعي جا جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ايس ايس پي نوشهروفيروز مير روحل کوسو چيو ته ڌاڙيلن ڪار نه روڪڻ تان فائرنگ ڪئي. جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.