لاهور( امداد سومرو)گل پلازا سانحي جي باهه جي تپش هاڻي قومي اسيمبلي تائين پهچي وئي آهي۔ ڪالهه سينيٽ ۾ ان تي بحث ٿيو هوقومي اسيمبلي ۾ ٿيل تقريرون ۽ ڳالهه ٻولهه ٻڌي اهڙو لڳي رهيو هو ڄڻ اڃا تائين بااختيار ۽ طاقتور ماڻهن کي، جيڪي پارليامينٽ ۾ ويٺل آهن، اصل مسئلي جي سمجهه ئي ناهي۔ هڪ ٻئي تي الزام تراشي ۽ پوائنٽ اسڪورنگ ته ٿي رهي آهي، پر اصل مسئلي جو حل پيش نٿو ڪيو وڃي۔هر دفعي جڏهن ڪو حادثو يا سانحو ٿئي ٿو ته صوبن کان اختيار واپس وٺڻ جون ڳالهيون ٻيهر شروع ٿي وڃن ٿيون۔ چيو وڃي ٿو ته صوبن کان اختيار کسي وٺجن، ارڙهين ترميم جي خاتمي جي ڳالهه ٿي رهي آهي،خواجه آصف جي ڪجھ ڳالهين ۾ وزن آهي، ۽ ڪجھ ڳالهيون پنهنجي ئي پارٽي، حڪومت ۽ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز تي چارج شيٽ وانگر لڳيون۔ ڪجھ ڳالهيون هو زميني حقيقتن مطابق به ڪري رهيو آهي۔اسان وٽ ٻه انتهاپسندانه سوچون آهن هڪ اها ته وفاق کي ايترو مضبوط ڪيو وڃي جو صوبن کي مڪمل طور بي اختيار ڪيو وڃي، ۽ ٻئي اها ته صوبن وٽ جيڪي اختيار آهن، اهي هيٺين سطح تائين منتقل ئي نه ٿين۔اهي ٻئي انتها آهن، ۽ انهن ٻنهي وچ ۾ ڪو وچولو حل ڳولڻو پوندو۔خيبرپختونخواهه جي وزيراعليٰ سهيل آفريدي، سنڌ جي وزيراعليٰ مراد علي شاهه کي تعزيتي خط لکيو۔هن خط ۾ سهيل آفريدي ڪراچي جي سانحي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته خيبرپختونخواهه جي حڪومت ۽ عوام ڪراچي جي متاثرن سان دلي همدردي ڪن ٿا۔ گڏوگڏ هن ريسڪيو ۽ باهه وسائڻ واري ڪارروائي جي به واکاڻ ڪئي۔،اها ڳالهه حيرت جوڳي آهي ته تحريڪ انصاف جهڙي مخالف پارٽي، سنڌ حڪومت جي تعريف ڪئي، جڏهن ته هر طرف تنقيد ٿي رهي آهي۔حقيقت اها آهي ته بلدياتي نظام مضبوط ٿيڻ گهرجي، اختيار يونين ڪائونسل سطح تائين منتقل ٿيڻ گهرجن، حفاظتي نظام بهتر ٿيڻ گهرجي، ۽ شهري حڪومتن کي فعال بڻائڻ گهرجي، ته جيئن مستقبل ۾ اهڙا سانحا نه ٿين۔پر ارڙهين رميم کي ختم ڪرڻ ڪوبه حل نه آهي