23 جنوري تي گل پلازا آڏو احتجاج جو اعلان،خراب حڪمراني وائکي ٿي وئي\

ڪراچي (رپورٽر) گل پلازا  سانحي خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ميزباني هيٺ ڪراچي جي نمائنده سياسي جماعتن، واپاري اتحاد ۽ اسٽيڪ هولڊرز پاران گل پلازا جي سامهون هڪ اهم گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ 23 جنوري بروز جمعو، نمازِ جمعه کانپوءِ گل پلازا جي سامهون ڀرپور احتجاج جو اعلان ڪيو ويو. پريس ڪانفرنس ۾ پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ، مرڪزي اڳواڻ فردوس شميم نقوي، جي ڊي اي جي ڊاڪٽر صفدر عباسي ، سردار عبدالرحيم، پي ٽي آءِ جي خرم شير زمان، راجا اظہر،ارسلان خالد، صدر ٽائون جي چيئرمين منصور احمد شيخ، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي ايڊووڪيٽ نويد احمد، شيعه علماءَ ڪائونسل، سني تحريڪ،بلوچستان عوامي پارٽي،جمعيت علماءَ اسلام (شيراني) سميت ٻين سياسي جماعتن ۽ واپاري تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. پريس ڪانفرنس دوران “سانحو گل پلازا ڪراچي” جي عنوان سان سياسي جماعتن، واپاري تنظيمن ۽ اسٽيڪ هولڊرز طرفان گڏيل متفقه اعلاميو به جاري ڪيو ويو. اعلاميي ۾ چيو ويو ته گل پلازا ۾ پيش آيل سانحو ڪراچي جي نظامِ حڪمراني، فائر سيفٽي، ايمرجنسي رسپانس ۽ بلدياتي تياري جي سنگين ناڪامي کي وائکو ڪري ٿو. شرڪت ڪندڙن سانحي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهارڪندي چيو ته هي واقعو لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي تي وڏا سوال اٿاري ٿو. اعلاميي ۾ واضح ڪيو ويو ته سانحي ۾ فائر فائٽرز،ريسڪيو ورڪرز ۽ فيلڊ اسٽاف ڪنهن به صورت ۾ ذميوار ناهن.پڌرائي موجب  سالن تائين ڪراچي کي سونهري مرغي سمجهي لٽيو ويو، پر جڏهن سانحو پيش آيو ته رياست، حڪومت ۽ ادارا خاموش تماشائي بڻيل رهيا، جيڪو ناقابلِ قبول آهي. پريس ڪانفرنس ۾ گڏيل طور مطالبو ڪيو ويو ته گل پلازا جي سمورن متاثر دڪاندارن کي فوري ۽ مڪمل معاوضو ۽ رليف پيڪيج ڏنو وڃي، پلازا جي فوري تعميرِ نو ڪئي وڃي، هڪ هفتي اندر آزاد ۽ شفاف جاچ مڪمل ڪري رپورٽ عوام آڏو آندي وڃي،ڪي ايم سي ، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ميئر ڪراچي، ميونسپل ڪمشنر، فائر ڊپارٽمينٽ ۽ ضلعي انتظاميا جي ذميوار آفيسرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ڊاڪٽر صفدر عباسي سنڌ حڪومت کي نااهل قرار ڏيندي چيو ته هڪ کانپوءِ ٻي عمارت ڊهي يا سڙي رهي آهي،ايس بي سي اي کان ڪي ايم سي تائين ڪرپشن عروج تي آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.