اوٻاوڙو/ ڏهرڪي (رپورٽ: بشير احمد ملڪ/اجيت ڪمار) اوٻاوڙو جي رائونتي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ۽ سنڌ رينجرز جو ڏوهارين خلاف گڏيل آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري رهيو، پوليس موجب آپريشن دوران ڏوهارين سان شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ وڌيڪ ٻه انتهائي خطرناڪ ڏوهاري، ملائو ڪوش ۽ محمد مراد عرف ڏاڏو ڪوش مارجي ويا، پوليس طرفان 10 کان مٿي ڏوهارين کي زخمي پڻ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهارين مٿان قتل، ڀنگ لاءِ اغوا، ڦر، دهشت ڦهلائڻ سميت 40 کان وڌيڪ سنگين ڪيس داخل هئا، جڏهن ته اهي ڏوهاري علائقي ۾ خوف ۽ دهشت جي علامت بڻيل هئا، آپريشن دوران جديد هٿيارن، ڊرون ٽيڪنالاجي ۽ خاص حڪمتِ عملي استعمال ڪئي پئي وڃي، علائقي کي مڪمل طور گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن وڌيڪ تيز ڪيو ويو آهي ته جيئن فرار ٿيل ڏوهارين کي به قانون جي گرفت ۾ آڻي سگهجي، مارجي ويل ڏوهارين جا لاش اسپتال پهچايا ويا آهن.