حيدرآباد/ٺٽو (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي پريس ترجمان اشرف پليجي پنهنجي پريس پڌرائي ڄاڻايو آهي ته قومي عوامي تحريڪ پاران اڄ عظيم مفڪر، استاد، دانشور، قانوندان، رسول بخش پليجو جي 96 هين سالگرھ سڄي سنڌ ۾ ملھائي ويندي، رسول بخش پليجو شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي کان بچائڻ ۽ جمھوريت جي بحالي لاءِ ايم آر ڊي جا بنياد وجھي آمريت جون پاڙون اکيڙي ڇڏيون، ان کان پوءِ اليڪشن لاءِ فيصلو ٿيو ته ايم آر ڊي ۾ گڏ رھندڙ اتحادي ھڪٻئي جي سامھون اميدوار نه بيھاريندا پر پيپلز پارٽي اقتدار لاءِ سوديبازي ڪري سنڌ جو حقيقي ڪيس ۽ مظلوم عوام جو آواز ايوانن تائين پھچڻ کان روڪڻ لاءِ اليڪشن ۾ رسول بخش پليجي جي سامھون اميدوار بيھاري ان جي رستا روڪ ڪئي، رسول بخش پليجي سنڌ جي عورتن کي سجاڳ ڪري جدوجهد جي ميدان ۾ آندو انھن عورتن سنڌياڻي تحريڪ جي پليٽ فارم تان سنڌ جي مزاحمتي تحريڪن جي اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪندي قومي تحريڪن ۾ روح ڦوڪيو، رسول بخش پليجو صاحب مضبوط دليلن سان سنڌ جي پاڻي جو ڪيس وڙھيو.