صنعان قريشي مٿان داخل ڪيس خلاف جسقم پاران احتجاج جو سڏ

ڪراچي(پ ر) سن ۾ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 122هين سالگرھ ملهائڻ تي جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي مٿان ڇڇر ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيڻ 21 جنوري تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته  سنڌ سرڪار پهرين به اهڙا ڪيس داخل ڪندي رهي آهي، بحريا ٽائون واقعي جا ڪوڙا 33 ڪيس داخل ڪيا جن ڪيسن کي مُنهن ڏنو پر سنڌ جي عشق تان هٿ نه کنيو، تنهن ڪري سائين جي ايم سيد جي سن ۾ سالگرھ ملهائڻ تي ڪيس داخل ٿيڻ تي مان پنهنجي لاءِ عزاز سمجهان ٿو، اهڙا ڪيس سائين جي ايم سيد ۽ شهيد بشير خان قريشي مٿان به سرڪار داخل ڪندي هُئي، تنهن ڪري ڪيسن جي پرواھ ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.