ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي يونيورسٽيز ۽ بورڊ واري کاتي ڪراچي يونيورسٽي جي زمين تي غيرقانوني قبضن خلاف نوٽيس وٺندي ضلعي انتظاميا کي فوري قانوني ۽ انتظامي ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ڊي سي کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته يونيورسٽي جي زمين تي حددخلين جو سلسلو جاري آهي جتي 2 پيٽرول پمپ غيرقانوني طور قائم آهن، قبضا سرڪاري زمين تي قبضي برابر آهن ۽ اعليٰ تعليمي اداري جي قانوني ۽ انتظامي اختيارن کي چئلينج ڪري رهيا آهن، غيرقانوني قبضن کي فوري روڪيو وڃي، يونيورسٽي جي زمين جو تحفظ يقيني بڻيو وڃي، ان معاملي تي اڳ ڪيل ڪا به جاچ رپورٽ جلد کاتي کي اماڻي وڃي جيئن ضروري ڪارروائي ڪري سگهجي. ٻئي پاسي تعليمي ۽ انتظامي ڌرين جو چوڻ آهي ته هي خط چٽو ثبوت آهي ته قبضن جو معاملو ڳنڀير نوعيت جو آهي، سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته انتظاميا ان تي اثرائتي ڪارروائي ڪندي يا فائلن تائين محدود رهندي. ٻئي پاسي ڪراچي يونيورسٽي جي استادن جي تنظيم جي صدر ۽ سنڊيڪيٽ ميمپر پروفيسر غفران عالم طاقتور ادارن کي اپيل ڪئي آهي ته يونيورسٽي جي زمين تي قبضي ۽ غيرقانوني پيٽرول پمپ ٺاهڻ جو نوٽيس وٺن ۽ سهڪار ڪن.