اسلام آباد (بيورو) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته فلسطين جي 2 رياستي حل تي سڄي دنيا متفق آهي، فوج موڪلڻ جي معاملي تي تبصرو ٿو ڪرڻ چاهيان. پارليامينٽ هائوس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ٽرمپ طرفان غزا امن ۾ شموليت جي دعوت سٺي ڳالهه آهي، جيڪو به روڊ ميپ تيار ٿيندو، پاڪستان مک ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته هي موقعو ملي رهيو آهي ته پاڪستان پنهنجي فلسطيني ڀائرن جي آزادي ۽ حقن لاءِ آواز اٿاري. هن چيو ته ايران اسان جو پاڙيسري آهي، پاڪستاني حمايت ان لاءِ آهي ته ايران کي محفوظ هجڻ گهرجي. اسرائيل اهڙو ملڪ آهي جنهن مان سڀني کي خطرو آهي.