ڪراچي (رپورٽر)قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي چيوآهي ته اسان کي وطن جي آزادي لاءِ اٿي بيهڻ جو سبق ڏنو ويو آهي.ملڪ لاءِ جنهن بهادري سان سانگهڙ جا حر وڙهيا، اهڙو ڪو بهناهي وڙهيو، انگريز سورهيه بادشاهه کي به کڻي ويا ۽ گم ڪري ڇڏيو، قبر به ظاهر نه ڪئي سنڌهاءِڪورٽ بار ۾ وڪيلن کي خطاب ڪندي هن چيو ته بندوق جي زور تي حڪومتون ناهن هلنديون، پاڪستان اسلام جو قلعو آهي، ۽ هتي سڀني کي قيد ڪيو ويو آهن، هن چيو ته صوبن جي وسيلن تي پهريون حق صوبن جي ماڻهن جو آهي، اسان نٿا چاهيون ته ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ٿئي، خدا نه ڪري ته ڪڏهن صوبن جو عوام ايئن نه چئي ته آءِ ايم ايف کان ورتل قرضن جو جيترو استعمال صوبن ۾ ڪيو ويو آهي، اسين اوترو واپس ڪنداسين ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ هن چيو ته مون ڪڏهن ڪنهن جو هٿ ناهي چميو پر جيڪڏهن فيلڊ مارشل آئين جي دائري ۾ رهي ته ان جو هٿ چمڻ لاءِ تيار آهيان، گل پلازه واقعي جي زميوارن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، 12 مئي واري تماشي جي اڄ تائين جاچ ناهي ڪئي وئي، 8 فيبروري تي ووٽ تي ڌاڙي خلاف سموري ملڪ احتجاج ڪيو ويندو.اڳوڻي اسپيڪراسد قيصرچيو ته ملڪ کي جهڙي طرح هلايو پيو وڃي اهڙي طرح ممڪن ناهي ته ملڪ اڳتي وڌي سگهندو. ڪراچي ۾ پاڻي ناهي، گٽرن ۾ ٻار ڪري مري رهيا آهن، اتي خرچ ڪرڻ لاءِ پيسو ناهي باقي ماڻهن کي خريد ڪرڻ لا۽ اربين رپيا موجود آهن .هن چيو ته اسان وڪيلن کي اسان درخواست ڪرايون ٿا 8 فبيروري تي اسان سان احتجاج ۾ شامل ٿن .عدليا تي عوام جو اعتبار ختم ٿيندو پيو وڃي، ايس يو پي جي صدر سيد زين شاهه چيو ته ملڪ هن وقت ڊيموڪريٽڪ بدران آٽوڪريٽڪ ڏانهن وڃي رهيو آهي،پرڏيهي پاليسي تبديل ٿيڻ گهرجي هن چيو ته ملڪ جي ڪافي انڊسٽري بند ٿيندي پئي وڃي، هن چيو ته صوبن کي آئيني تحفظ مليل آهي، اسان سنڌ ۾ احتجاج نٿا ڪري سگهون، اسان کي نه ڊيڄاريو، توهان سريلنڪا، ۽ نيپال کي به ياد رکو، سينيٽر راجا علامه ناصر عباس چيوته 73ع جي آئين جي روح کي ختم ڪيو ويو آهي، سسٽم تي عوام جو ڪو به اعتماد ناهي رهيو .وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ چيو ته گل پلازا معاملي تي سنڌ حڪومت مڪمل طور ناڪام وئي آهي .زين شاهه تي ايف آءِ آر ڪاٽڻ جي مذمت ڪريون ٿا، اسان 26 ۽ 27 هين ترميم کان نٿا مڃون، سنڌهاءِڪورٽ بار جي صدر حسيب جمالي چيو ته ڏک ٿي رهيو آهي ته اڄ ملڪ سان انتهائي غلط ٿي رهيو آهي. 26۽ 27 ترميمون آڻي انهن ماڻهن کي جج بڻايو ويو آهي جيڪي قابل به نه آهن، هاڻ اسانجون بارز ڪمزور ٿي چڪيون آهن، اهڙي نظام خلاف سڀني کي اٿڻو پوندو.اڄ هاءِ ڪورٽ جي ججن جنو پگهارون 25 لکن تائين پهچي چڪيون آهن، پر ڪارڪردگي نظر نه پئي اچي.ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪارونجهر ۽ ڪينالن جي جنگ اسان کي وڙهڻي آهي.26۽ 27 هين ترميم منظور ناهن