جنيد صفدر جي شادي ۾ فيلڊ مارشل جي انٽري، صدر زرداري غير حاضر

لاهور (عمران شفقت) سڀ کان وڌيڪ بحث جو موضوع جنيد صفدر جي شادي جي تقريب بڻيل آهي، جنهن ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير شرڪت ڪئي. هن تقريب کي سياسي تناظر ۾ پڻ ڏٺو پيو وڃي. فيلڊ مارشل عاصم منير صحافين کي ٻڌايو ته پاڪستان اڳ کان وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ملڪ بڻجي چڪو آهي، دهشتگردي خلاف اثرائتي ڪارروائي جاري آهي ۽ پاڪستان جي عالمي اهميت وڌي وئي آهي. مبصرن جي مطابق، هن تقريب سياسي هم آهنگي جو واضح تاثر ڏنو ۽ پيغام ڏنو ته اعليٰ سطح تي شيون ترتيب ۾ آهن.  تقريب جي حوالي سان تنقيد پڻ ٿي رهي آهي ته سادگي کان ڪم وٺڻ گهربو هو. مريم نواز کي سادگي جو مثال قائم ڪرڻ گهربو هو، ڀلي کڻي سندس پٽ هو. اڳواڻ اهي ئي هوندا آهن جيڪي ڪردار ذريعي مثال قائم ڪندا آهن. جڏهن اوهان شاهي خرچ ڪندا آهيو ته پوءِ اوهان سان ريس ڪئي ويندي آهي ۽ سڀ هڪ ٻئي کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ شروع ٿي ويندا آهن. اڳواڻن جون شاديون سادگي سان ۽ محدود ٿين ته ان کي سٺو سمجهيو وڃي ٿو نه ته پيسو ته واپارين وٽ به گهڻو آهي جيڪي وڏي پئماني تي تقريبن ۾ دولت جي نمائش ڪندا آهن. ٻئي پاسي سعودي عرب جي شهزادن ۽ شهزادين جون شاديون اسان اهڙيون ناهن ڏٺيون جيڪي عوامي سطح تي وائرل هجن.  اهم ڳالهه اها به آهي ته سياسي خاندانن جي تقريبن ۾ سياسي اڳڀرايون به ٿينديون آهن. تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري جي غيرموجودگي تي پڻ تبصرا ڪيا پيا وڃن. ڇا نواز شريف آصف علي زردري کي تقريب جي دعوت نه ڏني هئي؟ اهو نواز شريف جو سياسي پيغام ٿي سگهي ٿو. ان جو مطلب اهو آهي ته نواز شريف عاصم منير سان ايترو پراعتماد آهي جو کيس ڪنهن جي ضرورت ئي ناهي. جيڪڏهن ڪٿي ڪنهن معاملي تي خراب هجن ها يا اتفاق نه هجي ها ته نواز شريف ماڻهن کي گڏ ڪري ها. ائين لڳي ٿو نواز شريف سياسي حوالي سان پاڻ کي مضبوط محسوس ڪري ٿو ۽ کيس ڪنهن جي سهڪار جي ضرورت ناهي. امڪان آهي ته ونڊر بواءِ واريون ڳالهيون مارچ تائين بند ٿي وڃن ۽ جون تائين معاملو ڪو نئون رخ اختيار ڪري وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.