مڃون ٿا ته ادارن ۾ عملداري جي کوٽ آهي، سزائون ڏيڻ گهرجن\مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته  فائر فائٽنگ جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي، ڪولنگ جو عمل جاري آهي. 3 هنڌن تان رستو کوليو ويو آهي، عمارت جي ٻن حصن ۾ داخل ٿيا آهيون، ريسڪيو جو عمل هلي رهيو آهي. ماڻهن جي رجسٽريشن لاءِ رسپيشن ٺاهيو آهي، جيڪي هن وقت تائين لاپتا آهن اهو انگ 65 آهي، ڪٿي 77 جو انگ به آهي پر 65 جي تصديق آهي. 18 لاشن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، وڌيڪ ڪجهه لاش ڪڍيا ويا پر سڃاڻپ جو عمل جاري اهي، ڊي اين اي ذريعي سڃاڻپ ٿيندي. خدا ڪري ته ڪو جيئرو موجود هجي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ حڪومت 3 فيصلا ڪيا آهن، ڪمشنر جي اڳواڻي ۾ جاچ ٽيم ٺاهي وئي آهي، جيڪي فوت ٿيا آهن تن کي فوري هڪ ڪروڙ رپيا معاوضي طور ڏنو ويندو، واپاري جن جو نقصان ٿيو آهي انهن لاءِ اسان ڪميٽي ٺاهي آهي جيڪا تجويز ڪندي ته ڪيترو معاوضو ڪنهن واپاري کي ڏيڻ گهرجي. ان آپشن تي به غور آهي ته کين ڪو  متبادل هنڌ ڏنو وڃي ته هو ڪاروبار شروع ڪن. اسان ذميوارن جو پتو لڳائڻ لاءِ جاچ ڪميٽي ٺاهي آهي. 1998 ۾ عمارت منظور ٿي هئي جنهن ۾ بي ضابطتيون هيون، 2003 ۾ بي ضابطتگين کي منظور ڪيو ويو، 1021 دڪانن کي ريگيولرائز ڪيو ويو پر هتي 1200 دڪان هئا. هي پراڻن سالن کان خرابيون آهن جن جي جاچ ڪرڻي پوندي ته ڪٿي غفلت يا غلطي آهي. هنچيو ته فائر سيفٽي اڊٽ ۾ اسان 600 کان وڌيڪ عمارتن بابت رپورٽ موڪلي هئي اها وڏي وزير کي به ڏني وئي آهي. ان تي به ادارا ڪم ڪندا ته شيون بهتر ٿينديون. واپارين کي پيرن تي بيهارڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. خانگي ٽي وي سان ڳالهين دوران سوالن جا جواب ڏيندي هن چو ته آر جي مال ڪنٽونمينٽ بورڊ فيصل جي حدن ۾ اچي ٿو پر ايف آءِ آر ڪي ايم سي تي ڪرائي وئي. اسان مڃون ٿا ته اسان ادارن کي ٻڌائيندا آهيون پر عملداري جي کوٽ آهي، ان تي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڪا سوديبازي نه ٿيندي ۽ جيستائين سزائون نه ڏنيون وينديون شيون ٺيڪ نه ٿينديون. هن چيو ته لاڳاپيل ادارو بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي آهي جنهن کي ڪارروائي ڪرڻي هئي، وڏي وزير کي اهو ئي چيو آهي ته انهن شين کي طئي ڪرڻو پوندو. هن چيو ته  پاڪستان ته ڇا پر سڄي دنيا ۾ ڪو شهر نه هوندو جتي 38 کان 39 حدون آهن، اوهان خرابي ڏسي چئو ٿا ته ذميوار وڏو وزير، ميئر ڪراچي، مڪاني کاتن وارو وزير آهي پر غور ڪجي ته پوءِ خبر پوندي ته اهي ڪنهن جون حدون آهن، اهو وڏو چئلينج آهي. حڪومت جي رٽ تي سوال اٿاريا وڃن ٿا ڀلي کڻي انهن جا فيصلا سٺا هجن. سرڪار جي رٽ کي ختم ڪيو وڃي ته ان جي ڪارڪردگي متاثر ٿئي ٿي. حڪومت کي به سهڪار ۽ مدد جي ضرورت هوندي آهي. هن چيو ته گل پلازا ۾ جيئن ماڻهن ڪيو ڇا اهو مناسب هو؟ اسان جي سرڪاري ايمبولينس کي خانگي ايمبولينس وارا لاش ڪڍڻ تي تڪرار ڪري  رهيا هئا.  اسان کي ايس او پيز ٺاهڻ گهرجن ته جيئن ريسڪيو عمل ۾ خلل نه اچي. عملداري ذريعي واقعي کي آخري واقعو بڻائڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.