دهشتگردن کي سرحدن تان کڻي هندي سمنڊ ۾ لوڙهي ڇڏينداسين: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم اسلام آباد، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي شهرين لاءِ مفت علاج جي سهولت فراهم ڪندڙ وزيراعظم صحت ڪارڊ پروگرام شروع ڪري ڇڏيو. وزيراعظم افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته صحت ڪارڊ جاري ٿيڻ عوامي ڀلائي جي عزم جو تسلسل آهي ۽ حڪومت عوام کي سندن در جي چائنٺ تي صحت جون سهولتون ڏئي رهي آهي. هن چيو ته اشرافيا ته پرڏيهه مان مهانگو علاج ڪرائي سگهي ٿي پر عام ماڻهو، پورهيت، غريب طبقي لاءِ علاج مسئلو هوندو آهي، ان لاءِ هي پروگرام اهميت جوڳو آهي. وزيراعظم چيو ته سنڌ ۾ صحت ڪارڊ پروگرام شروع ڪرڻ واري تجويز غور جوڳي آهي ۽ وڏي وزير سان ڳالهائي ان حوالي سان حل ڪڍيو  ويندو ته جيئن اتان جي عوام کي به اها سهولت ملي. خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ صحت بابت پروگرام ڪاميابي سان جاري آهي ۽ اربين رپيا عوامي صحت تي خرچ ڪيا پيا وڃن. صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڊبليو ايڇ او موجب، هڪ ڪروڙ 30 لک پاڪستاني بيمارين سبب غربت جي لڪير کان هيٺ اچي ويا آهن، هاڻي ڪنهن غريب کي پنهنجي ڪٽنب جي علاج لاءِ دربدر ٿيڻو نه پوندو. هن چيو ته وزيراعظم کي درخواست آهي ته اڳتي هيلٿ بجيٽ ۾ سنڌ جي 10 شهري ۽ ٻهراڙي وارن ضلعن کي به صحت ڪارڊ جي سهولت ڏني وڃي جنهن تي ساليانو 24 ارب رپيا لاڳت ايندي. ڪراچي جي هڪ ئي گهٽي ۾ رهندڙ ڪجهه ماڻهن کي علاج مفت ۽ ڪجهه کي نٿو ملي، ڇو ته رڳو سڃاڻپ ڪارڊ جو فرق آهي، ڪراچي ۾ رهندڙ اهو شخص مفت علاج ڪرائي سگهي ٿو جنهن جو سڃاڻپ ڪارڊ ڪراچي جو ناهي، ڪراچي جا سڃاڻپ ڪارڊ رکندڙ صحت ڪارڊ جي سهولت کان محروم آهن، ان سلسلي ۾ وزيراعظم چيو ته وڏي وزير سان ڳالهائيندو. اسان جو صحت جو نظام هن وقت تائين رڳو سڪ ڪيئر تائين محدود رهيو آهي، هيلٿ ڪيئر سسٽم جو مقصد رڳو علاج نه پر ماڻهن کي بيمار ٿيڻ کان بچائن به آهي.  ٻئي پاسي قومي امن پيغام ڪميٽي جي مميبرن سان ڳالهين ۾ وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته افغان طالبان ۽ ٽي ٽي پي وچ ۾ ڳٺ جوڙ جا جوڳا ثبوت موجود آهن. شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جو عذاب ٻيهر اڀري رهيو آهي، 2018 وانگر، اسان دهشتگردي جو مٿو چٿي ڇڏينداسين، دهشتگردن کي پاڪستان جي سرحدن تان کڻي هندي سمنڊ ۾ لوڙهيو ويندو. هن چيو ته افغان طالبان ۽ ٽي ٽي پي جي وچ ۾ ڳٺ جوڙ جا جوڳا ثبوت موجود آهن ۽ دشمن طرفان انهن کي هر قسم جا وسيلا فراهم ڪيا پيا وڃن.  شهباز شريف چيو ته اهو سٺو آهي ته سڀني مڪتب فڪر جا عالم هتي آهن، قومي اتحاد جي ضرورت اڄ جيتري آهي، شايد اڳ ڪڏهن به نه هئي، گڏجي ويهڻ ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.