اينٽي ڪرپشن جو ايس بي سي اي آفيس تي ڇاپو، رڪارڊ ضبط

ڪراچي اوڀر (ن ع آ) ڪراچي اينٽي ڪرپشن کاتي جو ايس بي سي اي ضلع سينٽرل آفيس تي ڇاپو، اهم رڪارڊ قبضي ۾  ورتو ويو، اينٽي ڪرپشن کاتي جي ٽيم سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ايس بي سي اي ضلعي سينٽرل جي آفيس تي ڇاپو هنيو، ڇاپي دوران ايس بي سي اي آفيس ۾ ٿرٿلو مچي ويو ذريعن موجب اينٽي ڪرپشن جي ٽيم غيرقانوني عمارتون، شادي هال ٺاهڻ جي الزام هيٺ اهم رڪارڊ پنهنجي قبضي ۾ ورتو. ڇاپو ڊائريڪٽر جنرل اينٽي ڪرپشن امتياز ابڙو جي هدايتن تي هنيو ويو ڇاپي دوران ايس بي سي اي سينٽرل جي ڊائريڪٽر جعفر امام ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ريحان قائمخاني جي آفيسن جي به جاچ ڪئي وئي ۽ رڪارڊ هٿ ڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته اينٽي ڪرپشن کاتي کي 200 کان وڌيڪ غيرقانوني عمارتون شادي هال وغيره ٺاهڻ بابت شڪايتون مليون هيون، جنهن بعد ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي اينٽي ڪرپشن کاتي پاران وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي اينٽي ڪرپشن عملدارن جو چوڻ آهي ته هٿ ڪيل رڪارڊ جي جاچ کان پوءِ ملوث عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.