نون صوبن جي سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين:نثار کهڙو

حيدرآباد (رپورٽر)   پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو چيو آھي ڪالا باغ  ۽ ڪينال ٺاھڻ نه ڏنا سين ، سنڌ کي ورھائي نون صوبن واري سازش به ڪامياب ٿيڻ نه ڏبي اھڙن خيالن جو اظهار ھن ڪالھ حيدرآباد ۾ خطاب ڪندي ڪيو ، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي باني شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 98 ھين سالگره جي موقعي تي قاسم آباد ۾ جلسو ڪيو ويو  پاڪستان پيپلز پارٽي جي حيدرآباد جي سينئير نائب صدر اظھر سيال  پاران سيال  ھائوس قاسم آباد ۾ ٿيندڙ  جلسي ۾  مھمان خاص صوبائي صدر نثار کھڙو ھو  ، ان موقعي تي  ضلعي صدر طارق علي شاه ڄاموٽ ، وسيم راجپوت ،  عمير چانڊيو، علي محمد سھتو ۽ ٻين شرڪت ڪئي ،  ان موقعي نثار احمد کهڙو جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته  پاڪستان  پيپلز پارٽي جي ھن عظيم الشان جلسي کي ڏسي اھو ثابت ٿيو ته حيدرآباد جو عوام پاڪستان پيلز پارٽي سان محبت ڪري ٿو، آئون حيدرآباد وارن کي مبارڪ ڏيان ٿو ته پھريون دفعو  حيدرآباد جو ميئر پاڪستان پيلز پارٽي جو آھي ، آئيندا به ميئر حيدرآباد جو پاڪستان پيلز پارٽي جو ھوندو ،  ھن چيو ته اسان ڪوڙا کاڌا ، جيل ڪاٽيا  محترمہ بي نظير ڀٽو پاڪستان جي آئين جي بالادستي لاءِ  مشن جاري رکيو تاريخ شاھد آھي ته ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ سنڌ جي ماڻھن ميدان ماريو ۽ بينظير ڀٽو کي وزيراعظم بڻايو   ۽ بلاول ڀٽو محترمه بينظير جي نظريي کي اڳتي وٺي ھلي رھيو آھي ھن چيو ته اسين چاھيون ٿا ته بلاول ڀٽو وزيراعظم  بڻجي جلسي کي  طارق شاھ ڄاموٽ   اظھر سيال ۽ ٻين خطاب ڪيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.