اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ڪارڪردگي اسلام آباد آڻڻ سڀني جو حق آهي،بلاول چيو آهي ته سنڌ حڪومت تي اڪثر تنقيد ڪئي ويندي آهي،اهو هڪ اهم مرحلو هو جيڪو بلاول پار ڪيو ۽ اسلام آباد اچي بريفنگ ڏني،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته صحت،تعليم،ٽيڪس اوڳاڙي،سوشل پروٽيڪشن،امن امان ،پاڻي جي کوٽ سميت گهڻن مسئلن تي هن تفصيلي طور ڳالهايو،ڇو ته اهي ڳالهيون عام طور تي ميڊيا تي نٿيون هلايون وڃن،هن چيو ته گهڻيون ڳالهيون هونديون آهن جيڪي چئي نٿيون سگهجن،اهو مناسب موقعو هو ته راءِ جو اظهار ڪجي،ميڊيا جي سڀني دوستن چانهه جي وقفي دوران مون کي اچي چيو ته اهي تمام اهم قدم آهن،اسان کي ته فلاڻي ڳالهه جي خبر نه هئي،فلاڻي جي به ڄاڻ نه هئي،اينڪر شهزاد اقبال سوال ڪيو ته گذريل ڪجه سالن ۾ هيومن ڊولپمينٽ انڊيڪس ۾ سنڌ پوئتي وئي آهي،شيري رحمان چيو ته توهان اها انڊيڪس ڪٿان ورتي آهي،ڪا عالمي تنظيم هوندي؟ان ۾ پاڪستان جي رينڪنگ به هوندي،اسان تنقيد تي نه تپنداسين،توهان اهو ڏسو ته ملڪ جي آبادي ڪيتري وڌي رهي آهي،هن چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جنهن فيملي پلاننگ قانون پاس ڪيو آهي،سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ پبلڪ هيلٿ ڏني پئي وڃي،11 وڏيون اسپتالون ٺهيل آهن،180شهرن ۽ 24 ملڪن کان ماڻهو سنڌ ۾ علاج لاءِ اچي رهيا آهن،اينڪر شهزاد اقبال سوال ڪيو ته ڊجيٽل ميڊيا جو دور آهي پر جيڪا دعويٰ ڪئي وڃي ٿي اهو ڪم زمين تي نظر به اچڻ گهرجي،لاهور ۽ ڪراچي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي،شيري رحمان چيو ته پنجاب ۾ اسان جي اتحادين جي حڪومت آهي،اتي ڪم ٿئي ٿو ته اسان کي خوشي ٿيندي،سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ جيڪا رٿا شروع ڪئي آهي ان تي عالمي بئنڪ به تسليم ڪيو آهي ته اها دنيا جو وڏو پراجيڪٽ آهي،پ پ وفاقي سطح تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام متعارف ڪرايو هو،مان اهو نه چوندس ته ڪراچي ۾ انفراسٽڪچر، روڊ،پاڻي، سيوريج جو نظام لاهور کان بهتر آهي، هتي وڏي ڪم جي ضرورت آهي، هن چيو ته توهان اهو به ڏسو ته پنجاب کان وڌيڪ سنڌ ٽيڪس اوڳاڙي ڪري ٿي،وفاق اسان کي ٻيا ٽيڪس به ڏئي اهي اوڳاڙي ڪري ڏينداسين،هن چيو ته جڏهن ٽي وي کوليو ته اين ايف سي جي گونج هوندي آهي،هر صوبي کي وسيلا کپن،هن چيو ته مان ايف بي آر جي ٽيڪس اوڳاڙين جي دعويٰ کي چئلينج ڪندس،ايف بي آر هميشه ٽيڪس هدف ۾ ناڪام ويندي آهي،هن چيو ته ايوان صدر ۾ بلاول جي بريفنگ تي راڻا ثنا اسان سان ته ڪو اعتراض ناهي ڪيو،وفاق جي حڪومت آهي،پنجاب حڪومت به اچي بريفنگ ڏئي،سهيل آفريدي جي بريفنگ جي مون کي خبر ناهي،