ڪراچي ۾ واٽر ٽينڪر معصوم ٻار کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ واٽر ٽينڪر، ٽرڪ ۽ ٽرالرن جي ٽڪرن سبب حادثن ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي، ڪراچي جي علائقي بلديا ٽائون ۾ تيز رفتار واٽر ٽينڪر پنجن ورهين جي ٻار کي چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن سبب ٻار فوت ٿي ويو، رپورٽ موجب بلديه ٽائون ۾ واقع راڻا گرائونڊ ڀرسان منِي واٽر ٽينڪر جي ٽڪر ۾ پنجن ورهين جو ٻار حياتي وڃائي ويٺو، ريسڪيو عملدارن موجب فوت ٿيل ٻار جي سڃاڻپ پنجن ورهين جي حنان ولد مجيد طور ڪئي وئي، جڏهن ته لاش کي ضابطي جي ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي کان پوءِ ڊرائيور واٽر ٽينڪر ڇڏي فرار ٿي ويو، جڏهن ته منِي ٽرڪ کي قبضي ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي ۽ فرار ٿيل ملزم جي ڳولا جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.